مٺي: دادو جي ٻارڙي سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي ڦاسي ڏيارڻ لاءِ مظاهرو

مٺي ۾ دادو جي ٻارڙي افشان شاهاڻي سان زيادتي ڪندڙ جوابدار اياز پنهور کي ڦاهي جي سزا ڏيارڻ  لاءِ شاهاڻي برادري پاران ڪشمير چوڪ تي ڪيپٽن صوبدار شاهاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن صوبدار، محمد اسحاق، خدابخش، سهيل شاهاڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته معصوم گلن جهڙي ٻارڙي افشان شاهاڻي سان وحشي درندي پاران زيادتي ڪري  انسانيت جي تذليل ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته ٽن سالن جي ٻارڙي سان اهڙي قسم جو واقعو سمجهه کان ٻاهر آهي،  هنن چيو ته اسان ڪنهن به معصوم ٻارڙي سان اهڙو  عمل برداشت نه ڪنداسين،  عدالتن تي يقين رکون ٿا، وارثن کي انصاف ڏياريو وڃي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.