پي ڊي ايم گيلاني جي ڪاميابي لاءِ ڪوششون ڪندي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت مخالف ڌر اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته يوسف رضا گيلاني جي اليڪشن وڙهڻ سان حڪومتي صفن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي، پي ڊي ايم گيلاني جي ڪاميابي جي لاءِ ڪوششون ڪندي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته يوسف رضا گيلاني جي سينيٽ اليڪشن ۾ حمايت جي لاءِ پي ڊي ايم جون سموريون پارٽيون گڏ آهن، هي پي ڊي ايم جا گڏيل اميدوار آهن.

هن چيو ته يوسف رضا گيلاني جي ڀيٽ ۾ حفيظ شيخ اليڪشن وڙهي رهيو آهي، هر حڪومت ۾ ملڪي ناڻو حفيظ شيخ جي هٿ ۾ رهيو، عام ماڻهو اڍائي سالن کان ڏکيائين مان گذري رهيو آهي.

مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته عام ماڻهو جي خريداري واري قوت جواب ڏئي چڪي آهي، بجلي، گيس، کنڊ، اٽي ۽ گيهه سميت ڪيتريون شيون مهانگيون ڪيون ويون آهن، شين جي مهانگائي جو ذميوار ڪير آهي؟

هن وڌيڪ چيو ته يوسف رضا گيلاني جو سينيٽ چيئرمين بڻجڻ اسان سڀني لاءِ اعزاز هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.