سياست کي پئسي لاءِ استعمال ڪندڙ اڄ عبرت جو نشان آهن: وزيراعظم

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياست جو اصل مقصد عوام جي خدمت آهي، سياست کي رڳو پئسو ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪندڙ اڄ عبرت جو نشان بڻيل آهن.

وزيراعظم عمران خان سان پشاور ۾ خيبر پختونخواهه ڪابينا ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته سياست جو اصل مقصد عوام جي خدمت آهي پر بدقسمتي سان هتي ماڻهن سياست کي رڳو پئسي لاءِ استعمال ڪيو، انهن ماڻهن هر جاءِ تي پئسو استعمال ڪيو ۽ هاڻ انهن جي حالت عبرت جو نشان آهي.

هن چيو ته جڏهن اخلاق ختم ٿي وڃي ته قوم تباهي ڏانهن ويندي آهي، اسان آئندي ۽ پنهنجي نسلن جي بهتري جو سوچيندا آهيون.

سندس چوڻ هو ته قدرت پاڪستان کي هر نعمت سان نوازيو آهي، اسان ان ڪري پوئتي رهجي وياسين، ڇو ته هتي اقتدار عوامي خدمت بدران پئسو چوري ڪرڻ لاءِ سنڀاليو ويو پر اسان هر نظام ۾ شفافيت چاهيون ٿا.

ان کان اڳ خيبر پختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان ۽ وڏي وزير محمود خان وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ کيس جاري ترقياتي منصوبن ۽ سياسي معاملن تي تفصيلي طور آگاهه ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.