سڀ مسئلا ڇڏي رڳو منهنجي جسم تي ئي ڇو ڳالهايو ويندو آ؟ آمنا الياس

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا آمنا الياس پنهنجي تصويرن تي تنقيد ڪندڙن کي چيو آهي ته عوام پنهنجون نظرون منهنجي جسم بدران اصل مسئلن تي رکي.

آمنا الياس انسٽاگرام تي پنهنجو هڪ فوٽو شوٽ شيئر ڪيو هو، جنهن ۾ بولڊ لباس تي سوشل ميڊيا واهپيدارن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو.

واهپيدارن جي تنقيد تي آمنا الياس ان ئي لباس ۾ هڪ ٻي تصوير جاري ڪئي ۽ لکيو ته مان اهو سوچي ٿڪجي پئي آهيان ته ڪمينٽن ۾ منهنجو جسم ئي ڇو واحد موضوع آهي، جنهن تي گهڙي گهڙي ڳالهه ڪئي ويندي آهي، ڇا توهان کي منهنجا وار، ميڪ ۽ ٻيون شيون پسند نه آيون؟

هن انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري به شيئر ڪئي، جنهن ۾ تنقيد ڪندڙن کي وڌيڪ جواب ڏيندي چيو ته دنيا ۾ آفتون، غربت، ٻارن جو جنسي استحصال، هراساني، گهريلو تشدد، جنگ ۽ نه ڄاڻ ڪيترائي مسئلا موجود آهن، انهن تي ڳالهه ڇو نه ٿي رهي آهي؟

سندس چوڻ هو حيرت جي ڳالهه آهي ته انهن سڀني مسئلن باوجود منهنجي جسماني بيهڪَ پهرين درجي تي آهي، تنهن ڪري مان عوام کي چونديس ته اهي پنهنجون نظرون منهنجي جسم بدران اصل مسئلن تي رکن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.