پيپلز پارٽي حليم عادل شيخ کي فوري آزاد ڪري: شبلي فراز جو مطالبو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز پيپلز پارٽي مان سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته صوبائي حڪومت عوامي نمائندي کي نه بخشيو ته عام ماڻهو سان ڪهڙو سلوڪ ڪندا هوندا.

اسلام آباد ۾ ميڊيا بريفنگ دوران هن حليم عادل شيخ کي انصاف جو ٽائيگر ۽ بهادر مخالف ڌر قرار ڏنو.

هن چيو ته جڏهن کان صوبائي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ بڻيو آهي ۽ جهڙي طرح سان سنڌ حڪومت جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪري رهيو آهي ان هن جي خلاف سياسي انتقام جو بدترين رويو اختيار ڪيو پيو وڃي.

شبلي فراز چيو ته حليم عادل شيخ جي خلاف انتقامي باهه ايتري وڌائي وئي آهي جو صوبائي حڪومت قانون جون متيون منجهائي رهي آهي، هن جي فارم هائوسز کي ڪيرايو ويو ۽ اسٽي آرڊر جي به پرواهه نه ڪئي وئي.

هن چيو ته حليم عادل شيخ جي خلاف سنڌ حڪومت جو رويو 70 واري ڏهاڪي ڏانهن پيو وٺي وڃي.

ان کان سواءِ شبلي فراز چيو ته رضا رباني مرحومه بينظير ڀٽو جي ميثاق جمهوريت جو معاهدو ڪچهري جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو.

سندس چوڻ هو ته حليم عادل شيخ تي مرتضيٰ ڀٽو اسٽائل جو حملو ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.