تبديلي لاءِ موجوده نظام جو خاتمو ضروري آهي: سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته تبديلي حڪومت هزار ڏينهن ۾ قرضن ۽ بيمارين ۾ واڌ ڪئي، جنهن مان ڇوٽڪاري جي لاءِ موجوده نظام جو خاتمو ضروري آهي.

جماعت اسلامي جي مرڪز منصوره ۾ تربيتي اجتماع ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير چيو ته انگريز جي وڃڻ کان اڄ تائين هڪ ئي جهڙا ماڻهو عوام تي مڙهيا ويا آهن، ملڪ جا شهزادا ۽ شهزاديون پاڻ ۾ مصنوعي مقابلا پيون ڪن، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جا غلام اولهه جا جاسوس عوام تي مڙهيا ويا آهن جن کي ايوانن بدران هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي جيلن ۾ وجهڻ جي ضرورت آهي.

سراج الحق چيو ته ڊسڪه ۾ ننڍي چونڊ دوران ڌانڌلي سبب ماڻهو غائب ٿي ويا، ملڪ ۾ 71 سالن کان ڪا به منصفاڻي چونڊ ناهي ٿي، پي ٽي آءِ، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ڪامياب ٿينديون رهيون، 37 سال جرنيلن ايوب ۽ مشرف جي شڪل ۾ حڪومت جو باقي حصو به انهن جي مرضي سان نظام هلندو رهو ۽ سياسي پارٽيون بڻجنديون رهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.