ڏهرڪي: ٽائون ڪاميٽي جي 30 دوڪانن کي سيل ڪرڻ واري عمل خلاف مظاهرو

ڏھرڪي جي اسسٽنٽ ڪمشنر رضوان نظير پاران ٽائون ڪاميٽي جا ڪرايا نه وڌائڻ جو جواز ڄاڻائي 30 کان مٿي دوڪانن کي سيل ڪرڻ واري عمل خلاف متاثر دوڪاندارن پاران ٽئين ڏينهن به جامع مسجد چوڪ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  ان موقعي تي متاثر دوڪاندارن سيٺ شنڪر لال،  ڊاڪٽر ظفر ڀٽو،  ڊاڪٽر عبدالرشيد، تارا چند ۽ ٻين چيو ته اسان دوڪانن اڳيان ٿيل انڪروچمنٽ خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي جنهن تي اي سي رضوان نظير عمل ڪرڻ بدران اسان جا 30 کان مٿي دڪان بنا جواز سيل ڪري اسان تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي،

ھنن ڊي سي گهوٽڪي ، ڪمشنر سکر ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اي سي ڏھرڪي جي اھڙي غيرقانوني عمل جو نوٽيس وٺي انهن کي انصاف فراھم ڪيو وڃي.

رپورٽ-رمضان پيرزادو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.