رھڙڪي ڀرسان لبرٽي پاور پلانٽ جي انتظاميا خلاف مزدورن جو احتجاج ، ڌرڻو  

رھڙڪي ڀرسان ڳوٺ نئون ڪوٽ لبرٽي پاور پلانٽ ۾ مزدوري لاء آيل مقامي ڳوٺاڻن کي انتظاميه پاران گيٽ تان واپس ڪرڻ تي سيڪورٽي اهلڪارن ۽ مزدورن ۾ڏند چڪ ٿيڻ کانپوءِ سيڪورٽي اهلڪار مزدورن مٿان ڪڙڪي پيا ، مزدورن  پاران ٻيهر لبرٽي پاور پلانٽ جي گيٽ آڏو ڌرڻو  هنيو ويو ، مزدورن لبرٽي پاور پلانٽ جا گيٽ بند ڪري ڇڏيا , ان موقعي تي سائينداد گولو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سال اندر هڪ مهينو شٽ ڊائون لڳندو آھي ,مقامي ماڻهن کي مزددوري جو حق به نٿو ڏنو وڃي ۽ اسين چار ڏينهن اڳ ۾ مزدوري لاء احتجاج  ڪيو ته انتظاميه اڄ لاء چيو هو ، اڄ صبح جيئن ئي پهتاسين ته سيڪورٽي اهلڪارن مارڪٽ ڪري ڪڍي ڇڏيو ، هنن چيو ته جيستائين انهن کي حق نه ملندو تيستائين انهن جو احتجاج جاري رهندو.

رپورٽ- نصير سومرو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.