پي ٽي آءِ جي اميدوار سيف الله ابڙو جا نامزدگي وارا ڪاغذ رد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ٽريبونل ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي پي ٽي آءِ جي اميدوار سيف الله ابڙو جا نامزدگي وارا ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا.

سنڌ هاءِ ڪور ۾ جسٽس آغا فيصل تي ٻڌل اليڪشن ٽريبونل جي آڏو پي ٽي آءِ جي اميدوا سيف الله ابڙو جي نامزدگي وارن ڪاغذن خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي. درخوستگذار جي وڪيل سيف الله ابڙو جي تعليمي سند ۽ واپار جي تفصيل عدالت ۾ پيش ڪئي.

غلام مصطفيٰ ميمڻ جي وڪيل رشيد اي رضوي ايڊووڪيٽ موقف ڏنو ته هنن ماڻهن ٺيڪيدار کي ٽيڪنوڪريٽ بڻائي ڇڏيو، سيف الله ابڙو خلاف ڪريمنل ڪيس به داخل آهن، هن نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ اثاثا به لِڪايا ۽ هن جي اثاثن ۾ اوچتو ڪيترائي سيڪڙو واڌ ٿي، 2018 ۽ 2021ع جي گوشوارن ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي، اسان انهن نامزدگي وارن ڪاغذن تي اعتراض واريو پر ريٽرننگ آفيسر ٻڌڻ کان سواءِ ئي نامزدگي وارا ڪاغذ منظور ڪري ورتا، ان ڪري ريٽرننگ آفيسر جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ سيف الله ابڙو کي سينيٽ اليڪشن جي لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي.

حيدر وحيد ايڊووڪيٽ موقف ڏنو ته سيف الله ابڙو خلاف ڪو به سنگين ڪيس ناهي، نيب ريفرنس ۾ نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويو، هو انجنيئر ۽ انهيءَ شعبي ۾ ڪنسٽرڪشن ڪري رهيو آهي، اثاثا وڌيا ته قانون جي موجب وڌيا.

رشيد اي رضوي ايڊووڪيٽ موقف ڏنو ته ٺيڪيدارن کي ٽيڪنوڪريٽ ۾ شامل نٿو ڪري سگهجي، اهڙي توڪل سينيٽ ٺيڪيدارن سان ڀريل هوندي. حيدر وحيد ايڊووڪيٽ موقف ڏيندي چيو ته سيف الله ابڙو 20 سالن ۾ 30 پراجيڪٽ مڪمل ڪيا، 30 پراجيڪٽ بڻائڻ نيشنل ڪاميابي آهي.

اليڪشن ٽريبونل ڌرين جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي پي ٽي آءِ جي اميدوار سيف الله ابڙو جا نامزدگي وارا ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.