سينيٽ چونڊون: اليڪشن ٽربيونل فيصل واوڊا کي طلب ڪري ورتو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ٽربيونل سينيٽ چونڊن لاءِ فيصل واوڊا جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف درخواست تي وفاقي وزير کان جواب طلب ڪري ورتو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ٽربيونل سينيٽ اليڪشن لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست گذار قادر مندوخيل جي وڪيل رشيد اي رضوي دليل ڏنا ۽ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي ٻٽي شهريت رکڻ بابت دستاويز ٽربيونل ۾ پيش ڪيا.

ان موقعي تي جسٽس آغا فصيل سوال ڪيو ته فيصل واوڊا طرفان ڪو آيو آهي؟ ان تي فيصل واوڊا جي وڪيل حسنين چوهاڻ چيو ته في الحال مون کي ڪيس ناهي ڏنو ويو.

ٻڌڻي دوران قادر خان مندوخيل چيو ته فيصل واوڊا آمريڪي شهريت بابت حقيقتون لڪايون، رٽرننگ آفيسر سامهون اعتراض داخل ڪيا پر هن ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، تنهن ڪري فيصل واوڊا کي سينيٽ چونڊ لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي.

اليڪشن ٽربيونل درخواست گذار جي دليلن تي اليڪشن ڪميشن ۽ فيصل واوڊا کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کان سڀاڻي تائين جواب طلب ڪري ورتو.

گڏوگڏ اليڪشن ٽربيونل فيصل واوڊا کي پيش ٿي وضاحت ڏيڻ جو به حڪم ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.