سينيٽ چونڊن لاءِ پ پ اميدوار پلوشه خان خلاف داخل اپيل رد

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ٽربيونل سينيٽ چونڊ لاءِ پ پ اميدوار پلوشه خان خلاف داخل اپيل رد ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل سينيٽ چونڊن لاءِ پ پ اميدوار پلوشه خان جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

سنڌ انڊس لائيرز فورم پلوشه خان جا نامزدگي ڪاغذ چئلينج ڪيا هئا ۽ درخواست ۾ پ پ اڳواڻ جي ووٽ جي چڪوال کان ڪراچي منتقلي سميت ٻين تفصيلن کي چئلينج ڪيو ويو هو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته پلوشه خان جو واسطو سنڌ سان نه چڪوال سان آهي ۽ هن 11 جنوري تي سنڌ مان پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايو.

اليڪشن ٽربيونل ٻڌڻي کانپوءِ پلوشه خان خلاف داخل اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ کيس سنڌ مان سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اهل قرار ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.