تحريڪ انصاف جو حليم عادل شيخ تي جيل ۾ تشدد جو الزام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻن سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ جي ترجمان سينٽرل جيل ۾ حليم عادل شيخ تي تشدد جو الزام هنيو آهي.

پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻن چيو آهي ته حليم عادل شيخ کي سينٽرل جيل پهچندي ئي تشدد ڪرايو ويو، سندس طبعيت خراب آهي، کيس ڌڪ به لڳا آهن، جيل جي ڪجهه سپاهين سندس زندگي بچائي، حليم عادل کي سيني ۾ تڪليف آهي ۽ تشدد سبب پير جي راڊ به لُڏي وئي آهي.

هوڏانهن جيل اختيارين موقف ڏيندي چيو آهي ته حليم عادل تي ڪو تشدد ناهي ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.