ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ ڪهڙي تبديلي ٿي؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جو اگهه وڌي ويو.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 4 سئو رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ في تولو سون هڪ لک 10 هزار 750 رپين جو ٿي ويو آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 343 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 94 هزار 950 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 14 ڊالر واڌ سان 1798 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.