ايراني سپريم ليڊر ڪارٽونن ۾ به عورتن لاءِ حجاب لازمي قرار ڏئي ڇڏيو

 

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي عورتن جي ڪارٽون ڪيريڪٽر لاءِ به حجاب لازمي قرار ڏئي ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي اينيميٽڊ فلم انڊسٽري ۽ ڪارٽون انڊسٽري بابت هڪ بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ هن ڪارٽونز ۽ اينيميٽڊ فلمز ۾ عورت ڪارٽون ڪيريڪٽرز لاءِ به حجاب لازمي قرار ڏنو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آيت الله خامنه اي کان هڪ ٽيلي ويزن پروگرام ۾ سوال ڪيو ويو ته ڇا اينيميٽڊ فلمن ۾ عورت ڪيريڪٽرز لاءِ حجاب ضروري آهي؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته توڙي جو اهڙي فرضي صورتحال ۾ حجاب ڪرڻ ضروري ناهي پر حجاب نه پائڻ جي نتيجن کي ڏسجي ته اينيميشن ۾ حجاب جي ضرورت آهي.

واضح رهي ته ايران ۾ 1979 جي انقلاب کانپوءِ عورتن لاءِ حجاب جو پردو ڪرڻ لازمي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.