اتر وزيرستان ۾ اين جي او جي گاڏي تي فائرنگ، 4 عورتون مارجي ويون

 

اتر وزيرستان (ويب ڊيسڪ) شيواه تعلقي ۾ گاڏي تي فائرنگ سان 4 عورتون مارجي ويون.

ذريعن موجب واقعو ٽنڊي جي علائقي ۾ پيش آيو، جتي اڻڄاتل ماڻهن گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن کانپوءِ گاڏي ۾ سوار 8 ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو.

پوليس موجب فائرنگ ايپي ڳوٺ ڀرسان هڪ اين جي او جي گاڏي تي ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 عورتون مارجي ويون، جڏهن ته گاڏي جو ڊرائيور سخت زخمي ٿي پيو.

پوليس اختيارين ٻڌايو ته فائرنگ ۾ مارجي ويل چارئي عورتون سماجي ڪارڪن هيون، فوتين جا مڙهه ۽ زخمي ڊرائيور کي تعلقي هيڊ ڪوارٽر اسپتال مير علي منتقل ڪيو ويو آهي.

ايس پي انويسٽيگيشن اتر وزيرستان موجب مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس ۽ ايف سي جو آپريشن جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.