طبقاتي جدوجهد جي باني ڪامريڊ ڊاڪٽر لال خان جي پهرين ورسي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ ملهائي وئي جنهن ۾ طبقاتي جدوجهد جي ڪارڪنن ۽ روشن خيال ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي اڳوڻي سينيٽر ڪريم خواجا، پروفيسر ڊاڪٽر رياض شيخ، ڪرامت علي ۽ سعيد خاصخيلي جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر لال خان استحصالي نظام ۽ انتهاپسندي جي خاتمي جو خواهشمند هو، هن پورهيتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ پاڪستان سميت عالمي سطح تي ڪم ڪيو .
رپورٽ- عارف نائچ