ڪراچي: سنڌو سڀيتا سٿ پاران ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي ھر ٻولي پنھنجي ٻولي“ جي عنوان سان تقريب

مادري ٻولين جي عالمي ڏينھن تي سنڌو سڀيتا سٿ پاران ڪراچي پريس ڪلب ۾ مادري سنڌي ٻولي قومي ٻولي، ھر ٻولي پنھنجي ٻولي جي عنوان سان تقريب ڪوٺائي وئي جنھن ۾ سموري ملڪ ۾ ڳالھايون ويندڙ ٻولين جي دانشورن، عالمن، صحافين ۽ سماجي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب جو خاص مھمان پروفيسر اعجاز قريشي ھو، جڏهن ته سنڌو سڀيتا سٿ جي صدر خادم حسين سومرو مهمانن جي آجيان ڪئي،

ان موقعي تي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي پروفيسر اعجاز قريشي، حميده گهانگهرو، يونس مهر، شاهد جتوئي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته….

تقريب کي ڊاڪٽر آفتاب ابڙو، محبوب علي شيخ،  پروفيسر بدر سومرو، سينيئر صحافي توقير چُغتائي، سرور شمال، ڊاڪٽر اصغر دشتي، امتياز خان فاران، عاجز جمالي، يونس مهر ۽  ٻين پڻ خطاب ڪيو.

تقريب ۾ نصرالله جمالي، چندر ڪيسواڻي، سارنگ لطيف مھر، نثار چنا، نذير چنا ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.