پاڪستان سپر ليگ جي ٽين ميچ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي نانءِ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ٽين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ملتان سلطانز کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ملتان سلطانز طرفان مليل 151 رنسن جو هدف اسلام آباد يونائيٽيڊ 19 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو.

فاتح ٽيم طرفان ليوس گريگري 49 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ايليڪس هيلز 29 ۽ فهيم اشرف 22 رنسن سان اڳڀرا رهيا.

ملتان طرفان ڪارلوس بريٿ ويٽ ۽ شاهد آفريدي 2-2 شڪار ڪيا.

ان کان اڳ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي ملتان سلطانز ڪپتان محمد رضوان جي 71 رنسن جي اننگز جي مدد سان مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 150 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته اسلام آباد جو محمد وسيم 3 وڪيٽون وٺي ڪامياب بالر رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.