ماهرا خان جي ويب سيريز جو پهريون ٽيزر جاري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ماهرا خان جي ويب سيريز ”بارهوان کلاڙي“ جو ٽيزر جاري ڪيو ويو آهي.

ماهرا خان تازو اداڪاريءَ سان گڏوگڏ پروڊڪشن جي دنيا ۾ به قدم رکيو آهي ۽ ان ڏس ۾ هن ڪجهه ڏينهن اڳ ئي پنهنجي پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ پهرين ويب سيريز جو پوسٽر جاري ڪيو هو، جنهن کي مداحن طرفان ڀرپور موٽ ملي.

هاڻ اداڪارا ويب سيريز جو پهريون ٽيزر به جاري ڪيو آهي.

ويب سيريز جي ڪهاڻي ڪرڪيٽ تي ٻڌل آهي ۽ جاري ڪيل ٽيزر ۾ علي ظفر جو ڀاءُ دانيال ظفر ۽ يوٽيوبر شاهه وير جعفري جي ڪرڪيٽ ۾ ويڙهه ڏيکاري وئي آهي.

ٽيزر ۾ ڪنزا هاشمي، ميرا سيٺي ۽ سرمد سلطان کوسٽ سميت ڪيترائي فنڪار نظر اچي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.