”ن ليگ غنڊا گردي ۽ رتوڇاڻ جي سياست ڪري رهي آهي“

 

ڊسڪه (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته هاڻي پئسي جي سياست جي پڄاڻي ٿيڻ واري آهي، اهي سڀ هڪ ٿي ويا آهن، عمران خان اڪيلو انهن خلاف بيٺو آهي.

تحريڪ انصاف اڳواڻن شبلي فراز، فواد چوڌري، فردوس عاشق اعواڻ ۽ عثمان ڊار ڊسڪه ۾ ننڍي چونڊ دوران فوت ٿيل ڪارڪن جي گهر گهر وڃي تعزيت ڪئي.

ان کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته ن ليگ غنڊا گردي ۽ رتوڇاڻ جي سياست ڪري رهي آهي، ماضي ۾ ماڊل ٽائون ۾ عورتن ۽ ٻارن تي گوليون وسايون ويون، ماڊل ٽائون سانحي جو مک ڪردار راڻا ثناءُ الله هو، هن ننڍي چونڊ ۾ ماڻهن کي هراسان ڪيو.

هن چيو ته هاڻ پئسي جي سياست جي پڄاڻي ٿيڻ واري آهي، اهي سڀ هڪ ٿي ويا آهن ۽ عمران خان اڪيلو انهن خلاف بيٺو آهي، 2018 ۾ 40 هزارن جي سرسي سان کٽيندڙن ننڍي چونڊ هارائي آهي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ضمني چونڊ کي ڪوڙي بادشاهه زادي جنگ جو نالو ڏنو ۽ قاتل کي اسٽيج تي بيهاري شهيدن جي پونئيرن کي تڪليف ڏني، ن ليگ سدائين منشيات فروشن ۽ قبضي گروپن جي سرپرستي ڪئي آهي.

فواد چوڌري چيو حسرت آهي ته ڪڏهن مريم نواز سچ ڳالهائي، مريم نواز چوندي هئي هن جي لنڊن ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا ملڪيت ناهي.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي حڪم کي اسان مڃينداسين، چونڊن ۾ پنجاب حڪومت بلڪل غير جانبدار رهي آهي، علي اسجد هتان واضح طور کٽي چڪو آهي، نتيجا اچڻ کانپوءِ پنهنجي ڪاميابي جو جشن ملهائينداسين.

سندس چوڻ هو ته اسان چاهيون ٿا ووٽنگ اليڪٽرانڪ ڏني وڃي ته جيئن ووٽ جي خبر پئجي وڃي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ لاءِ اسان اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪنداسين.

عثمان ڊار چيو ته ن ليگ وارا شرمناڪ واقعي کانپوءِ مُنهن لڪايو پيا وتن، اندازو ئي نه هو ته مريم نواز اخلاقي طور ايتري حد تائين ڪِري سگهي ٿي، اهي ماڻهو اڃا تائين هڪ پولنگ ايجنٽ سامهون نه آڻي سگهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.