موٽرولا جو هڪ ٻيو انٽري ليول اسمارٽ فون موٽو اي 7 پاور

موٽرولا تازو ئي جي سيريز جا 2 نوان اسمارٽ فونز متعارف ڪرايا هئا ۽ هاڻ اي سيريز جو هڪ انٽري ليول فون پيش ڪيو ويو آهي.

موٽرولا موٽو اي 7 پاور جي حوالي سان ليڪس گذريل ڪجهه هفتن کان آڏو اچي رهيا آهن.

هاڻ ان فون کي متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو سڀ کان اڳ ڀارت ۾ صارفن لاءِ موجود هوندو.

موٽو اي 7 پاور ۾ 6.5 انچن جو ايڇ ڊي پلس ڊسپلي ڏنو ويو آهي جنهن ۾ واٽر ڊراپ نوچ ۾ 5 ميگا پڪسل ڪيمرا لڪيل آهي.

فون جي اندر ميڊيا ٽيڪ جو هيليو جي 25 پراسيسر موجود آهي جڏهن ته اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم سان ليس آهي.

موٽو اي 7 پرو ۾ 2 کان 4 جي بي ريم ۽ 32 کان 64 جي بي اسٽوريج جا آپشنز ڏنا ويا آهن جنهن ۾ مائيڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان هڪ ٽي بي هڪ اسٽوريج وڌائي سگهجي ٿي.

فون ۾ گوگل اسسٽنٽ جي لاءِ هڪ بٽڻ به ڏنو ويو آهي جيڪو کاٻي پاسي ويندڙ سائيڊ تي آهي جڏهن ته آءِ پي 52 ريٽنگ، هيڊ فون جيڪ ۽ 2.2 ايم آءِ ايم او سپورٽ جهڙا فيچرز فون جو حصو آهن.

موٽو اي 7 پاور ۾ 5000 ايم اي ايڇ بيٽري 10 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ موجود آهي.

فون جي بيڪ تي ڊوئل ڪيمرا سيٽ اپ موجود آهي جنهن جي مين ڪيمرا 13 ميگا پڪسل جي آهي جڏهن ته ٻي 2 ميگا پڪسل ميڪرو سنسر آهي.

ان فون جو 2 جي بي ريم ۽ 32 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 105 ڊالرز )16 هزار 700 رپيا پاڪستاني) جڏهن ته 4 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج وارو ويزن 115 ڊالر (18 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ موجود هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.