ڇا هاڻ واٽس ايپ به لاگ آئوٽ ٿيندو…؟

پيغام رسائيندڙ ۽ ويڊيو ڪالنگ جي مقبول ترين ايپ واٽس ايپ تي جلد هڪ بهترين فيچر شامل ٿيڻ پيو وڃي جنهن جي تحت صارف هاڻ واٽس ايپ اڪائونٽ کي به لاگ آئوٽ ڪري سگهندا.

ٽيڪنالاجي ويب سائيٽ واٽس ايپ بيٽا انفو جي تازي رپورٽ موجب صارفن جي پرزور مطالبي کان پوءِ هاڻ آخر ڪار واٽس ايپ تي جلد هڪ اهڙو فيچر شامل ٿيڻ وارو آهي جنهن جي ذريعي توهان پنهنجو اڪائونٽ لاگ آئوٽ ڪري سگهندا.

في الحال صارفن کي جيڪڏهن واٽس ايپ استعمال ناهي ڪرڻو هوندو ته هنن وٽ رڳو اِهو ئي آپشن بچندو آهي ته هنن کي واٽس ايپ ڊيلٽ ڪرڻو پوندو آهي.

پر هاڻ ان نئين فيچر جي تحت ٻين ايپس يعني فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جيان هاڻ واٽس ايپ صارف به پنهنجو اڪائونٽ جڏهن چاهن لاگ آئوٽ ڪري سگهندا.

واٽس ايپ جو اِهو فيچر واٽس ايپ ميسنجر ۽ بزنس ويزن ٻنهي جي لاءِ ئي پيش ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.