آمريڪا، ايران جوهري معاهدي ۾ ٻيهر شموليت جي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي

تهران(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ايران جوهري معاهدي ۾ ٻيهر شموليت تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي.

پرڏيهي ميڊيا موجب عالمي طاقتن سان ايران بابت جوهري معاهدي جو حصو بڻجڻ جي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي جنهن سان اڳوڻي آمريڪي صدر ٽرمپ دستبرداري جو اعلان ڪيو هو.

ڊونلڊ ٽرمپ 2018ع ۾ ايران ۽ ٻين عالمي طاقتن جي وچ ۾ طئي ٿيل جوهري معاهدي کان عليحدگي اختيار ڪئي هئي جنهن کان پوءِ ايران به پنهنجي ايٽمي پروگرام بابت معاهدي کان واپسي جو اعلان ڪيو هو.

پر نئين آمريڪي صدر جو بائيڊن هڪ ڀيرو ٻيهر ان جوهري معاهدي ۾ شموليت تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪا يورپي يونين طرفان ايران بابت جوهري معاهدي جي ڳالهن کي جي دعوت قبولي ورتي.

ميڊيا جي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايران ڊيل بابت آڇ ڪندڙ سينيئر يورپي سفارتڪار جو چوڻ آهي ته هي عالمي طاقتن جي وچ ۾ معاهدي جي لاءِ ڏاڍو اهم وقت آهي.

ٻئي پاسي ايران باضابطه طور تي يورپ طرفان ڳالهين جي بحالي جي آڇ جو ڪو به جواب ناهي ڏنو.

البت ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف طرفان هڪ ٽوئيٽ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هن ايران کان آمريڪي پابنديون کڻڻ جي صورت ۾ ئي معاهدي جي پابندي تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.