پي ايس ايل 6 جو ترانو موسيقي جي فتح آهي: ميشا شفيع

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گلوڪارا ميشا شفيع پاڪستان سپر ليگ 6 جي آفيشل تراني ”گروو ميرا“ کي موسيقي جي فتح قرار ڏئي ڇڏيو.

پي ايس ايل 6 جي آفيشل تراني ”گروو ميرا“ ۾ نصيبو لعل، آئمه بيگ، طلحه انجم ۽ طلحه يونس پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو آهي، جنهن کي ڪيترن ئي ماڻهن طرفان پسند ناهي ڪيو ويو ۽ اهي علي ظفر جي پي ايس ايل لاءِ ڳايل تراني کي بهترين قرار ڏئي رهيا آهن.

ان صورتحال ۾ جتي ڪجهه ماڻهو ”گروو ميرا“ جي حمايت ڪري رهيا آهن، اتي ئي گلوڪارا ميشا شفيع به ميدان ۾ اچي وئي آهي.

ميشا شفيع انسٽاگرام تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پي ايس ايل 6 جو ترانو رڳو موسيقي جي فتح ناهي پر اهو نئين آبادياتي احساس ڪمتري ۽ اهڙي ڌانڌلي جي نظام جي فتح آهي، جنهن ۾ گهڙي گهڙي ڪجهه مخصوص ماڻهن جي حمايت ڪئي ويندي آهي ۽ انهن کي ساراهيو ويندو آهي.

سندس موجب اها اسان لاءِ انتهائي شرم جوڳي ڳالهه آهي ته ”گروو ميرا“ تي تنقيد ڪري نصيبو لعل جهڙي ليجنڊري ٽئلينٽ کي ساراهڻ بجاءِ ان تي تنقيد جو مينهن وسائي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.