لفظن جي هيرا ڦيري  ۽ وزيراعظم

تحرير: ايم ڀٽو

لفظن جي هيرا ڦيري ڪندڙ کي عام طور اسان تيرنهن تالو ڪري ڪوٺيندا آهيون يعني پنهنجي ڪيل ڳالهه تان ڦري وڃڻ، نه مڃڻ، اَلِڻ، ڳالهه کي ڦيرائي گھيرائي پيش ڪرڻ، منهن تي به ڦري وڃڻ ٻين لفطن ۾ ڪوڙو/ٺڳ، نڪ جو پڪو هجڻ به چئجي ته غلط نه هوندو. ترڪي جي طيب اردوان جي جسٽس اينڊ ڊولپمينٽ پارٽي  ((AK Party ۽ عمران خان جي تحريڪ انصاف هڪ ئي معنيٰ رکي ٿي. ترڪيءِ جا ڇا حال آهن رڳو ڳالهيون آهن, ماضيءَ جي سلطنت عثمانيه جنهن ٽن کنڊن تي حڪمراني ڪئي هينئر به خواب ڏسي رهي آهي.

عمران خان جون تقريرون ته اهڙيون جهڙيون هوا ۾ محل اڏڻ جي برابر ثابت ٿيون جنهن کي نه منهن نه پڇ. ماڻهن کي اليڪشن کان اڳ اهڙا خواب ڏيکاريائين جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڏنل نظرياتي کي وساري ويٺا . نئون پاڪستان ٺاهيندي. ڪٿي پراڻي پاڪستان جون ذري گھٽ پاسيريون نه ڀڃي ڇڏين. هن جي ڏنل نعري ”روڪ سڪو تو روڪو تبديلي آئي ري“  پنجاب مان ن ليگ. سنڌ مان پيپلز پارٽي ڪي پي ڪي مان فضل الرحمان ۽ بلوچستان ۾ سڀني طاقتور پارٽي کي لفظن جي هيرا ڦيري ڪري ڪافي نقصان پهچايو ،  پريشان ڪيو ۽ حڪومت حاصل ڪري پوءِ سڀني همدردن کي پوئين پاسي اڇلي ڇڏيو. ان کي اسان ڪم ڪڍو چوندا آهيون..

لاڙڪاڻي جي تڪ  NA-200تان آزاد اميدوار حليمان ڀٽو کي ڏٽا ڏئي ٽڪيٽ ڏني ۽ جڏهن بيلٽ پيپر شايع ٿيو تڏهن GDA جي اميدوار خالد محمود سومري جي فرزند راشد محمود سومري جي حق ۾ هٿ کڻايو ويو جن جي مدد پڻ پيپلز پارٽي جي ڪيترن ئي عهديدارن ڳجهه ڳوهه ۾  ڪارڪنن پڻ مدد ڪئي ته هن کي متان پيپلز پارٽي پنهنجو ڪري.

اهڙي ريت NA-200 تي حليمان ڀٽو ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي ميڊيا اڳيان آمهون سامهون ڪيو ويو. حليمان ڀٽو جيڪا مڊل ڪلاس جي هيٺين درجي سان واسطو رکندڙ هئي جنهن جو ڪو به سياسي ڪيريئر ڪو نه هو، پهرين ڀيرو چونڊن ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت سان آئي هن کي عوامي خدمت ڪرڻ جو موقعو به نه ڏنو ويو. تنهن هوندي به هن  NA-200 تي لاڙڪاڻي جي ٽڪيٽ واپس ڪرڻ کان پوءِ به مڊل ڪلاس ڀٽو ڇوڪريءَ هجڻ ڪري ماڻهن کيس 86،61 ووٽ ڏنا ۽  بلاول ڀٽو زرداري کان پوءِ ٽئين نمبر تي آئي.

چيو وڃي ٿو ته تحريڪ انصاف طرفان ڏنل ٽڪيٽ کان پوءِ ڪنهن کانئس واري واپس پڇيو به ڪين ۽ نه ئي کيس تحريڪ انصاف جي گورنمينٽ اچڻ کان پوءِ ڪنهن رابطو رکيو ۽ سندس ڪيل ڪجهه خرچ به پنهنجي هڙان وڙان ڏئي جان ڇڏائي ۽ اهڙي ريت حليان ڀٽو کي به ڏٽا ڏئي گھر ويهاريو ويو.

اهڙيءَ ريت تحريڪ انصاف لِياقت جتوئي ۽  ممتاز علي خان ڀٽو کان به  منهن ڦيري وئي  ته متان هنن کي به حڪومت مان ڪو حصو ڏنو وڃي، صرف اشرافيه کي سپورٽ ڪري حڪومت ۾ ايڊجسٽ ڪيو ويو. انهن جي ٻارن ۽ خاندانن کي فارين سروسز ۽ ٻين منسٽرين ۾ جڳهه ڏئي حڪومت ٺاهي وئي، اهڙيءَ ريت هن ٻين سرمائيدارن ، سياسي، ڪاروباري ماڻهن، آفيسرن زميندارن کي نيب ايف بي آر حوالي ڪري حراسان ڪري پنهنجي ڪرسي چمڪائي آهي ۽ اميرن لاءِ عياشيءَ جا در کولي ڇڏيا آهن. هينئر هر روز هڪ نئين تبديلي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، ڪڏهن ڪنهن غريب جا گھر ڊهن ٿا، مال ملڪيتون ضبط ٿين ٿيون جيڪي نهايت قيمتي آهن سي به اميرن جي نظرن ۾ هونديون اهي به انهن کي بخشش ڪري ڏنيون وينديون.

مهانگائي هر روز وڌي پئي، تيل ڏينهنهون ڏينهن مهانگو ٿيندو پيو وڃي. لساني گينگسٽرن جا جٿا تيار ٿي رهيا آهن. عمران خان ۽ سندس حڪومتي ايوانن ۾ ويهندڙ ماڻهن جو نئون پاڪستان هر روز لفظن جي هيرا ڦيريءَ  سبب ڏينهن هون ڏينهن نئون ٿي رهيو آهي. سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان کان وٺي خيبرپختونخواهه ۾ سندس سڀ خواب پورا ٿي رهيا آهن. پراڻي پاڪستان کي داهي نئون پاڪستان الائي جي ڪهڙو روپ ڌاريندو.

جيتوڻيڪ عمران خان جي حڪومت ۾ اميرن سرمائيدارن ۽ هڪ ٻن مخصوص لساني گروهن کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي ڪو به فائدو ڪين ٿيو آهي. سندس حمايتي سڄو ڏينهن منظم طريقي سان پنجاب، بلوچستان، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ ماڻهن کي مختلف طريقن سان پريشان ڪنٿا، رستا روڪ ڪن ٿا جيتوڻيڪ تحريڪ انصاف پارليامينٽ کان وٺي يونيورسٽين، ادارن، شهرن ۾ گُهٽَ ۽ ٻوسٽ جو شڪار ٿي حراسان جو ماحول پئدا ڪري گار گند وارو ڪلچر پيدا ڪري ڇڏيو آهي. تنهنڪري اخلاقيات جي هينئر ڪنهن مان به اميد نه رکجي، ڪالهه تائين فضيلت ڀريا ماڻهو، باخلاق ۽ سڌريل سڏائيندڙ به انهن جهنگلي ماڻهن کان ڪين ڀڄي سگھيا آهن، جيڪي ريڪي ڪري ماڻهن جي تذليل ڪن ٿا. جيڪي منظم آهن. ۽ ڪنهن وڏي واردات جي انتظار ۾ ويٺا آهن. چيو وڃي ٿو ته شايد ممتاز ڀٽو جي ڪراچي جي پٺاڻن مخالف ڪري کائنس امير بخش ڀٽو کان سنڌ جي صدارت کسرائي جڏهن ته  لياقت جتوئي صاحب ۽ ٻيا جيڪي پيپلز پارٽيءَ جي ماڻهن جي آزار کان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيا سي سڀ سڪتي ۾ آهن،ڪنهن جي انتظار ۾ آهن ته رڳو عزت بچي ته به لک ڪمايو.

تنهنڪري ماڻهو جنهن کي يوٽرن چون ٿا، پنهنجي ڪيل واعدن ۽ قولن تان ڦري وڃڻ ٿا تنهن کي تيرانهن تالي حڪومت نه سڏجي ته ٻيو سڏجي. پر جي  تبديلي اها آهي ته نئو ن پاڪستان ته ٺهيو پراڻي پاڪستان جون پاسيريون به نه ڀڃي ڇڏين، ڪا نواڻ ڪونهي، ڪو آسرو ڪونهي، ڪا اميد ڪونهي، ڪا نئين سوچ ڪونهي، ناتجربيڪار ويهاري انهن کان اجايو/ڏاڍ وارو ڪم ڪرايو پيو وڃي. ماڻهو جو وڏو طبقو جيڪو پيپلز پارٽيءَ ۽ نواز شريف کان ناراض ۽ تنگ هيو خاموش آهي ڇاڪاڻ ته تحريڪ انصاف کان پوءِ به ساڳيا چگهه ساڳيا لاٽون تنهنڪري پنهنجو پٽڪو پچائڻ لاءِ تحريڪ انصاف ئي سهي جيڪا ڳالهه وزيراعظم ۽ ان جي ڪابينا خوب سمجهي ٿي تنهنڪري جمهوري پارٽين کي پنهنجي اندر ويٺل ماڻهن تي نظر رکڻ کپي جيڪي پارٽيءَ جي بدناميءَ جو سبب بڻجن ٿا، حڪومتون اچڻ کان پوءِ انتقام جو دائرو گھر کان شروع ڪري ڏين ٿا. غير ضروري طاقت جو استعمال ڪن ٿا. نظر انداز ڪن ٿا، ڏيڻ ته ٺهيو الٽو تذليل ڪن ٿا. جنهن جي ئي ڪري تحريڪ انصاف کي ڪاميابي ملي وئي آهي. جيڪي سڀني کي نظر انداز ڪري ڪم ڪڍي، لفظن جي هيرا ڦيري ڪري پنهنجو ڪم ڪڍي آهن. عمران خان قوم کي صحيح سڃاتو آهي. هن جي حڪومت کي في الحال ڪو لهر لوڏو نظر ڪين ٿو اچي. ٻه اڍائي سال ائين حڪومت ڪڍي ويو آهي جو ڄڻ ڪالهه جي ڳالهه آهي. وڏيرن، سرمائيندارن کي پنهنجي بقا جو مسئلو هوندو آهي. تنهنڪري هنن کي به مخالفن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي. تنهن ڪري ڪنهن تي ڪا معيار ڪو نه آهي هر ڪو پنهنجو برو ڀلو سمجهي ٿو، جنهن ۾ خير آفيت هجي سوئي ڪم ڪجي. باقي هر ماڻهو جي نظر نئين پاڪستان ۾ آهي ته اهو ڪيئن هوندو. ڪيئن ٺهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.