عشق کي ڪينجهر بنائيندڙ فطرت پسند شاعريءَ!

تحرير: يوسف جميل لغاري

هي دنيا جنهن ۾ اسان رهون ٿا. اُهو ٻن شين تي آڌاريل آهي. جنهن ۾ هڪڙيون شيون قدرتي، اصلي ۽ فطرتي آهن. جن کي پاڻ انگريزي ۾ (Naturaly) چوندا آهيون ۽ ٻيون شيون مصنوعي، هٿرادو ۽ جڙتو شيون آهن، جن کي پاڻ انگريزي ۾ (Artificially) چوندا آهيون. ٻنهي شين ۾ انساني مزاج جو لاڙو فطري شين ڏانهن گهڻو هوندو آهي. حالانڪ اڄ جي جديد دور ۾ مصنوعي شيون به پنهنجي جاءِ تي اهميت رکن ٿيون پر اُنهن ۾ اُهو سرور ۽ سڪون ڪٿي آهي؟ جيڪو سڪون فطرتي شين ۾ سمايل آهي. دراصل فطرت پسند ماڻهوءَ ئي تخليقڪار ٿيندا آهن ۽ اُهي پنهنجي پيار کي آرٽ جي مدد سان تخيل جو روپ ڏئي ڪري ظاهر ڪندا آهن. اهڙي ئي هڪ اظهار جو نمونو منهنجي سامهون پيو آهي. جيڪو شاعريءَ جي روپ ۾ خيالن کي الائي ته ڪهڙي وسعتن ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. هن شعري مجموعي جو نالو ”عشق بڻيو ڪينجهر“ آهي. هن ڪتاب جو سرجڻهار قربان گل آهي. جيڪو نئين ٽهي جو هڪ جاکوڙيندڙ ڪردار آهي.

سندس خيال شاعريءَ جو روپ ڌاري، ڪاغذن جو ويس ڍڪي پڙهندڙن جي اڳيان مطالعي جي ميز تي اڻ ڏٺي مهمان وانگر جلوه افروز ٿيا آهن. سندس شاعريءَ تي گهڻو ڪجھ لکي سگهجي ٿو ۽ سندس خيالن تي تفصيلي نموني سان ڳالهائي سگهجي ٿو. قربان گل جي شاعريءَ جا کوڙ سارا پهلو آهن. جن مان هڪ وڻندڙ پهلو سندس فطرت پسند شاعريءَ آهي. قربان گل جي هن شعري مجموعي ۾ کوڙ سارا اهڙا شعر آهن جيڪي فطرتي شين سان سنئون سڌو واسطو رکن ٿيون. اُنهن شعرن کي پڙهندي فطرتي نظارا اکين آڏو اُڀري اچن ٿا. فطري اصول ضابطه ۽ فطرت جو اصل رنگ آهي ئي ڳوٺن ۾. شهر ته فطرتي شين کان ائين محروم آهن جيئن ڪو يتيم ٻار پنهنجي پيءَ جي پيار کان محروم هوندو آهي. شهرن جا ماڻهوءَ فطرتي شين جا متلاشي هوندا آهن ڇو ته اُنهن جو گهڻو تڻو واسطو مصنوعي ۽ هٿرادو ايجادن سان آهي. جيڪي بي سواديون ۽ لزت کان محروم شيون آهن. جيتوڻيڪ هن وقت سردي جا آخري ڏينهن آهن سياري جي مند اونهاري طرف پنهنجا وک وڌائي رهي آهي تڏهن به قربان گل جو هي ”ٽيڙو“ سردي جا پهريان ڏينهن ياد ڏياري رهيو آهي.

ڏاڍو سيءُ، سيارو

ڪلهي  تي ڪوڏر

پاڻيءَ  جو   وارو

شاعريءَ جي خاصيتن مجهان هڪ اهم خاصيت اِها به آهي ته اُن ۾ رومانيت جا رنگ مڙئي ڪجھ وڌيڪ نرالا لڳندا آهن. اِها ساڳي رومانيت انساني مزاج جو حصو پڻ آهي. انسان پيار، محبت ۽ رشتن ناتن کانسواءِ رهي نه ٿو سگهي. کيس سندس اڪيلو وجود کائڻ لڳندو ۽ هُو پنهنجي بقا خاطر ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن نه ڪنهن سانوري يا سهڻي ڀورين اکين واري الهڙ جواني جي عشق ۾ مبتلا ضرور ٿيندو آهي. پيار جي پيچ پائڻ کانپوءِ هڪ ٻي جي سار سنڀال يا پيار ۾ ڪا ڪوتاهي رهجي ويندي آهي ته ماڻهوءَ اُنهي ميار کي شاعريءَ جي روپ ۾ آساني سان سمائي ڪري پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪندو آهي. جڏهن هوائون گهلنديون آهن ته محبوبن جي ياد به شدت سان ايندي آهي ۽ اِها ياد ايتري قدر تڙپائيندي آهي جو دنيا جي ٻي ڪابه شئي دل لڀائيندڙ محسوس ناهي ٿيندي. محبوبن جو ته ڪم ئي ستائڻ آهي ۽ عاشقن جو ازل کان ئي اهو ڪم آهي ته اُهي محبوبن کي پرچائن ۽ اُنهن کي ڳل ڳراٽيون پائي ڪري پنهنجي پيار جو احساس ڏيارين. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو جيڪي ڳالهيون سامهون نه چئي سگهبيون آهن. اُهي ڳالهيون شاعريءَ ۾ چئي ڏبيون آهن ته جيئن سامهون واري تائين مڙئي ڳالھ پهچي وڃي. اهڙي ئي هڪڙي ميار قربان گل جي هڪ ٻئي”ٽيڙو“ ۾ سهڻي نموني سان اظهاريو ويو آهي. متان پوءِ سڀاڻي اڳتي هلي ڪري سامهون وارو شخص چوي ته ”تو مون کي ميار ئي ڪونه ڏني هئي“. اچو ته اُن کي پڙهون.

لڳي پئي هير

مان توکي پيو ساريان،

توکي نه اڪير

شاعرن جي شاعريءَ ڪرڻ تي ڪي به بندشون نه هجڻ گهرجن. اُنهن کي آزاد فضا ۾ آزاد خيالن سان رهڻ ڏنو وڃي ته هوند واھ جو ڪم ٿي پوندو ۽ نت نوان خيال، نظريا ۽ لاڙا جنم وٺندا. پاڻ وٽ حالت اِها آهي جو جيڪڏهن شاعريءَ ۾ جماليات جي عنصر کي ڪو شاعر ٿورو مٿبرو ڪري ٿو ته کيس نه ڄاڻ الائي ته ڪهڙن لقبن سان نوزايو وڃي ٿو. اسان جو سماجي شعور اڃا تائين نابالاغ ٻار جهڙو آهي. جتي روشن خيال نظريا ۽ روشن خيال ڳالهيون پابندين جي نظر آهن. هتي شاعر جا هٿ ٻڌي ڪري پوءِ اُن کان شاعريءَ ٻُڌي ويندي آهي ته جيئن ڪو متان اُهو نئين خيال کي ڪاغذ تي اتاري نه وٺي ۽ سندس احساس جاڳي پون. تڏهن ئي ته اسان جسماني اذيت سان گڏ ذهني اذهيت جي ڀوڳنا به ڀوڳي رهيا آهيون. اهڙي اذهيت واري ماحول ۾ هوندي به جيڪڏهن ڪو شاعر نئين خيال کي کڻي ٿو اچي ته اسان کي اُن جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ گهرجي. اُنهي تي اجائي ٺٺول ۽ ٽوڪ بازي قطعي نه ڪرڻ گهرجي. انساني شعور دٻائڻ سان بغاوت جو رستو اختيار ڪندي آهي ۽ اُنهي رستي تي اچڻ کانپوءِ سندس واپسي جا باقي سڀ رستا ۽ پيچرا بند ٿي ويندا آهن. قربان گل انهي سڀني خوف ۽ خطرن کان بالاتر ٿي ڪري پنهنجي شاعريءَ ۾ هڪ اهڙو ئي اظهار ڪيو آهي. اچو ته سندس اُن اظهار کي پڙهون.

ڇورين کي ڇا آهي،  ڇلڪائين ٿيون ڇاتيون،

اسان تي ڄڻ ڪاتيون، وڍين ٿيون وجود کي!

قدرت واري انسان ۾ اِها سگھ رکي آهي ته هوُ حالتن سان برجستو ٿي ڪري مقابلو ڪري ۽ پاڻ کي سرهو ڪري. ظاهري طور اسان تي حالتون به حاوي ٿينديون آهن. انسان پنهنجي ڪيفيتن هٿان به مجبور ٿيندو آهي ۽ ڪجھ مجبوريون ۽ لاچاريون به ڪمزور ڪري وجهنديون آهن پر تڏهن به ڪمال انهي ۾ آهي ته سڀني ڏکين مرحلن سان مڙس ماڻهوءَ ٿي ڪري مقابلو ڪرڻ ئي دراصل دليري آهي. ڪورن فيلڊ جئڪ چيو آهي ته: ” اسين جڏهن دنيا جي ڌنڌن ۾ پوري طور تي جڪڙجي ٿا وڃون تہ اسان جا گڏيل تعلقات نہ رڳو هڪ ٻئي سان پر پنھنجو پاڻ کان بہ ٽٽندا پيا وڃن“. اها ئي دراصل اڄڪلھ جي دور جي صورتحال آهي جو ماڻهوءَ مشيني دنيا ۾ خود هڪ مشين بڻجي ويو آهي. پيار، محبت، سڪ ۽ سار جا سمورا مرحلا ڇڏي ڪري الائي ڇو اسين اڃا اڳتي وڃڻ جي جستجو ۾ آهيون جڏهن ته اسان کي نه ئي سڀاڻ جي ڪا اڳواٺ خبر آهي ۽ نه ئي اسان پنهنجي آئيندي متعلق ڪا ٺوس معلومات پاڻ وٽ رکون ٿا. بي يقيني جو اِهو عالم جو آهي جو پنهنجي پاڻ تان ئي يقين ختم ٿيندو ٿو وڃي. اهڙي دور ۾ رشتن، ناتن، سڪ ۽ سار واري راويت کي زنده رکڻ به هڪ دريا دل ماڻهوءَ جو ئي ڪم آهي. جيڪو ڪم اسان جو هي سڄاڻ ساٿي ۽ قلمڪار قربان گل بخوبي ڪري رهيو آهي.

      وساري ويٺين،  اسان کي سهڻا

جڳ ڏنا مهڻا، سٺا سين سڪ ۾

جڏهن ڪو تخليقڪار لکڻ جي شروعات ڪندو آهي ته سڀ کان پهريان اُن تخليق ۾ هو پنهنجي پاڻ کي مرڪز بڻائيندو آهي. پنهنجي ذات، پنهنجي خيالن، احساسن ۽ اڌورين خواهشن کي لفظن جو روپ ڏيندو آهي. وقت سان گڏ جڏهن سندس شعور بالغ ٿيندو آهي ته ھو پنهنجي مدار کان هٽي ڪري پنهنجي ديس، پنهنجي ماڻهن، ٻولي ۽ ثقافت کي کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اِنهي ڪوشش ۾ ايتري قدر محو ٿي ويندو آهي جو سندس تخيل مان قومي جذبو ظاهر ظهور نظر اچڻ شروع ٿيندو آهي. هن وقت سنڌ اندر نثر توڙي نظم ته کوڙ سارا لکن ٿا پر اُنهن منجهان اُها ئي تخليق پائيدار توڙي جٽادار ثابت ٿيندي آهي. جنهن جو محور ۽ مرڪز سنڌ هجي. پنهنجي ڌرتي سان پيار شعور آفته هجڻ جي نشاني آهي. جيڪڏهن ڪو تخليقڪار پنهنجي ڌرتي کي پنهنجي لکڻين جو مرڪز نه ٿو بڻائي ته اُهو تاريخ ۾ ائين دفن ٿي ويندو آهي جيئن مٽي جي دز ۾ ننڍڙيون شيون دٻجي، لٽجي گم ٿي وينديون آهن. جيڪي ماڻهوءَ پنهنجي ڌرتي جي ڏکن، سورن کي ڇڏي ڪري صرف پنهنجي ذات جي آس پاس ڦيرا پائيندا آهن اُهي ماڻهوءَ جلد ئي پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ مان لهي ويندا آهن. سنڌ جي خوشحالي جا خواب هر هڪ اک ۾ پلي رهيا آهن. سنڌ جو هر عام ۽ خاص ماڻهو اهو چاهي ٿو ته سونهاري سنڌ شاد و آباد رهي ۽ هتي پيار، محبت واري فزا هميشه قائم رهي. اهڙي هڪڙي نيڪ تمنا اسان کي قربان گل جي شاعريءَ ۾ به پڙهڻ لاءِ ملي ٿي. اچو ته سندس اُن تخيل کي پڙهون.

خوشحال  هجي   پيار  سنڌ

پيار    محبت    واري    سنڌ

مٽي  ان  جي مشڪ، کٿوري،

تو  ڪيئن آهي وساري سنڌ؟

ننڍي هوندي کان ٻُڌندا ٿا اچون ته ٻڌي ۾ طاقت آهي. جيهڙن، جڳهڙن ۽ نفرتن جي عمر تمام مختصر آهي پر انهن جو اثر صدين تائين رهندو آهي. ماڻهوءَ جيڪڏهن هڪ ٻي سان ڏک ۽ سک ۾ گڏ آهن ته هوند اُنهن جي حياتي ائين آهي جهڙو بهار جي موسم. پر انهي جي برعڪس جيڪڏهن ماڻهوءَ نفرتن ۽ ويڇن جو شڪار آهي ته اُهي جيئري ئي ڄڻ دوزخ ۾ آهن. پنهنجا مٽ مائٽ کڻي هڪ ٻي سان ڪيترو به رٺل هجن تڏهن به اُهي اوکي سوکي ويل ۾ هڪ ٻي کي ڪونه ڇڏيندا آهن ۽ هڪ ٻي جا ڀرجهلا ٿيندا آهن. شاعر پنهنجي قوم جا نمائيندا هوندا آهن ۽ اُنهن کي مستقبل ۾ لاحق ٿيندڙ مسئلن جي اڳوٺ آگاهي ڏيندا آهن. انهي سان گڏوگڏ هڪ ٻي سان ويڙھ، جهنگ ۽ نفرتن پيدا ڪرڻ کانپوءِ ٿيندڙ نقصانن جي تنبيھ به شاعريءَ جي وسيلي ئي ڪندا آهن. شعور آفته ماڻهوءَ جو اصل ڪم ئي اهو هوندو آهي ته ھُو پنهنجي سماج جي ماڻهن کي سجاڳ رکي. اهڙي ئي هڪ سجاڳي جو سڏ اسان کي قربان گل جي شاعري ۾ ٻڌڻ لاءِ ملي ٿو. اچو ته اُن کي پڙهون.

پنهنجا  وڙهي پاڻ ۾،  ٿا ويڇا وڌايون،

پاڻ ئي ٿا کپايون، سگھ پنهنجي سهڻا!

اهڙي طريقي سان پاڻ جڏهن قربان گل جي مجموعي شاعريءَ تي هڪ پيار ڀري نگاھ ڪريون ٿا ته اسان کي کوڙ ساريون هدايتون ۽ اصلاح پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. جن جو واسطو فطرتي حُسناڪي سان آهي. قربان گل پاڻ بذات خود فطرت سان پيار ڪندڙ ماڻهوءَ آهي. سندس لاڳاپو فطري شين سان مصنوعي شين جي ڀيٽ ۾ گهڻو آهي. سندس هي شعري مجموعو جيئن ته سندس پهريون قلمي پورهيو آهي تڏهن به سندس شاعريءَ ذهن کي سجاڳ ڪرڻ ۽ جذبن کي جاڳائڻ جو ڪم بخوبي سرانجام ڏئي رهي آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري ليکڪ ۽ شاعر امر اقبال لکيو آهي ۽ انهي سان گڏ ڊاڪٽر شير مهراڻي، مختيار چنو، گوهر شيخ، پرفيسر جاويد شيخ، پروفيسر بشير جانوري، زين سولنگي ۽ انسپيڪٽر معشوق ڄامڙو جا رايا به هن ڪتاب ۾ شامل آهن. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر شير مهراڻي ۽ پروفيسر مختيار چنه جا تاثرات ڏنل آهي. هي ڪتاب گذريل سال سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇاپي ڪري پڌرو ڪيو ويو هو. هن شعري مجموعي ۾ قربان جا غزل، ٻه سٽا، ٽي سٽا، وايون ۽ چئوسٽا شامل آهن. جيڪي ترتيب وار سهڻي نموني سان ڪتاب ۾ شامل ڪيل آهن. ڪتاب ۾ شامل سڀني راين ۾ مجموعي طور پروف جون ڪٿي ڪٿي غلطيون نظر اچن ٿيون. جن کي پڙهندڙ نظر انداز ڪري باقي ڪتاب ۾ موجود شاعري مان لطف اندوز ٿي سگهن ٿا. پروف جو اِهي غلطيون شروعات ۾ سڀني ليکڪن کان ٿينديون رهيون آهن. سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ ساجد سنڌي ۽ صاحب ڪتاب اسان جي مانواري دوست محترم قربان گل کي هن ڪتاب جون انيڪ واڌايون هجن. جو اُنهن جو قلمي پورهيو تاريخ جي رڪاڊ ۾ مستقل بنيادن تي محفوظ ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.