ڀان سيد آباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل

ڀان سيدآباد ( رپورٽ:  آدم مينگل ( ڀان سيدآباد جي وچ شهر ۾ نامعلوم  هٿياربندن جي فائرنگ، سڌيون گوليون هڻي نوجوان قتل. شهر ۾  حراس چانيل ، هٿياربند فرار ٿيڻ ڪامياب،تفصيل  موجب ڀان سيدآباد شهر جي شاهاڻي چونڪ تي نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ڪري سڌيون گوليون هلايون جنهن دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو، فوتي نوجوان جي سڃاڻپ 20 ورهين جي عبدالجبار عرف رانجهو پٽ اقبال لغاري جي نالي سان ٿي آهي، جنهن کي زخمي حالت ۾ ڊاٽسن  ۾ کڻي سرڪاري اسپتال ڀان منتقل ڪيو ويو  ته رستي ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، هٿياربند فائرنگ بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، واقعي بعد علائقي ۾ خوف حراس ڇانئجي ويو. ڀان پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا، جلد فائرنگ ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو،.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.