لاڙڪاڻو ۽ ان جا ساهه سيباڻا ماڻهو

تحرير: ايم ڀٽو

سياسي، سماجي، تاريخي سڃاڻپ رکندڙ لاڙڪاڻو جيتوڻيڪ خوشحال شهر ۽ علائقو آهي. جيڪو سڄي دنيا ۾ پئرس جي نالي مثال ڏئي پيش ڪيو ويندو آهي، جن ماڻهن لاڙڪاڻو ڏٺو آهي سي سندس تعريف ڪرڻ کان ڪين رهن ٿا. باغن، سبزين، چانورن، ڪڻڪ جي فصل کان وٺي سنڌو درياهه، ڍنڍن، واهن ۽ جر جي مٺي پاڻيءَ ڪري هتي مڇي. چوپايو مال جام ٿئي ٿو. علمي، ادبي، سياسي ۽ تاريخي لحاظ کان لاڙڪاڻو سدائين نروار ۽ نماڻو رهيو آهي. هتان جي ڀٽن جون قربانيون ڪنهن کان وسرڻ جون ڪين آهن. ماڻهو مزاج ۾ مٺا به ته ڪوڙا به. وفادار به ته اکيون جلد ڦيرائڻ وارا به، تيز فهم به ته وري چالاڪ ۽ چست به، ڦلاڻو ماڻهو ترقي ڪري رهيو آهي، پوءِ ڏسو الائي ڪٿان ان کي زمين کي پاتال مان ڪڍي ايندا. خوب مهمان نوازيون ڪندا ڪچهرين لاءِ ڳولي لهندا، اولڻ ڳولڻ ويندا ڪي مسڪين لاچار ٿي پنهنجي لاچاري، بي وسي به ڏيکاريندا. بس جڏهن توهان جو پاڻي ڪڇي ويا ته پوءِ ڪاڏي ويندا. اهڙو ڄار جو سڀ ڪسرون ڪڍي وٺندا. لاڙڪاڻي جا ماڻهو پڙهيل لکيل، جنگجو، اديب، ڏاها به ڏاڍا آهن، سڄي پاڪستان جي سياست تي ڇانيل، ڪاروباري ماڻهو، سڄو شهر هڪ طرف روڊ مارڪيٽ بازاريون بڻيل آهن. ته ٻئي پاسي لاڙڪاڻي ۾ زور زبردستي۽ ڏاڍ وارو ماحول به عام جام آهي، جتي پڙهيل ۽ ڪاروباري ماڻهو عام جام آهن ته ٻئي پاسي وري انهن ۾ شارٽ ڪٽ، پاڻ وڻائڻ ۽ چاپلوسيءَ وارو عنصر به ملي ٿو. گھڻي عرصي کان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي هن وقت تائين پراڻي پارٽي وارا ڪنهن ٻئي کي اسرڻ ڪين ڏيندا آيا آهن جن جي اڄ به مونو پولي آهي جيڪي سفير به ٿيا، ايم اين اي به ٿيا وزير به ٿيا، دولت مند به ٿيا، آفيسر به ٿيا. بس ڪٿان خبر پوين ته ڦلاڻو ماڻهو اُسري ٿو پوءِ  هڙ ملي ڪري، سندس اهڙو حشر ڪرائيندا جو ڪو سوچي به نٿو سگھي. مثال طور لاڙڪاڻي ۾ ڪجهه ذاتيون، برادريون سياسي طور ڪامياب رهيون آهن ته صرف ان ڪري جو هنن ۾ جهيڙيڪاري وارو عنصر عام جام آهي، جيڪي دادا گير، لينڊگريبر، سمگلر، جهيڙا فساد ڪندڙ/ ڪرائيندڙ آهن انهن ۾  ئي اڪثيريت جا ماڻهو، پوليس ٿاڻن جا انچارج، وڪيل، جج، لينڊ گريبر، ڀتا خور، آفيسر ملندا پوءِ ماڻهو غريب ويچارو/مال ملڪيت اوڻي پوڻي ۾ کپائي هليو وڃي ته ان کي لٽڻ ڦرڻ لاءِ به ڪڍ لڳا پيا هوندا جسيتائين بينڪن جي ڏنل وياج جي پئسن وانگر ڪنهن جي جان نه ڇٽي. وڏي افسوس سان چونڻو پوي ٿو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊان اخبار لاڙڪاڻي جي ماڻهن جي هاءِ ڪورٽ طرفان جاري ڪيل لسٽ واضح ڪئي آهي. جيڪي مختلف ڏوهاري ڪيسن ۾ گھربل آهن. انهن ۾ اڪثيريت، ابڙن، جتوئن، خروسن، بروهين، عمراڻين،ککراڻين، ڏهاڻين، جلباڻين ۽ پوءِ ٻين ذاتين جي آهي ۽ اها لسٽ هزارن جي تعداد ۾ لسٽ آهي. اهي ئي ماڻهو لاڙڪاڻي جي اصل سياست جا مالڪ ۽ بااثر آهن، باقي ٻين ذاتين جو رڳو نالو آهي جيڪي مرڻ لاءِ پيدا ٿيا آهن. ٿاڻن جا مالڪ، ڪورٽن جا مالڪ، شهر جي وڏن هوٽلن جا مالڪ، وڏن عهدن جا مالڪ، سڻڀن عهدن تي ويٺل، وڪيل، لاڙڪاڻي کان ڪراچي تائين اهي نظر ايندا.  جنهن سان وڻين جيڪا جٺ ڪن، پادر هڻن، ملڪيتن تي قبضا ڪن، منشيات جو ڪاروبار ڪن، جن کي وڻين هيسائن چاهي اهو لاڙڪاني جو رهندڙ هجي يا ڪراچي، حيدرآباد يا اسلام آباد وڃي آباد ٿيو هجي هر هنڌ هي موجود آهن. جيئن ته لاڙڪاڻي جا ماڻهو خوش مزاج، خوش پوش ۽ درو انديش پڻ آهن. پر توهان توري ترقي ڪيو اڇو ڪپڙو پايو يا گاڏي وٺو . هنن موهن جي دڙي جي مايا ڪين ڇڏي شهر کي خوبصورت رکي ٻهراڙين ۽ ڪچي آبادين ۾ رهندڙ جي زندگي جنجال ڪري ڇڏي. ڪيترائي سياسي ماڻهو ڪالهه تائين تنگ دست ۽ پريشان حال نظر ايندا هيا. هينئر اهي وڏن انتظامي عهدن، ڪروڙن جي پراپرٽي جا مالڪ، طاقتور ۽ امير سڏجن ٿا. تڏهن چوندا آهن ته لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، جنهن کي لڳي لک ڪروڙ ڏي. نه لڳي ته ويڳاڻو گھمندو وتي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.