8 سالن جي ٻارڙي سان زيادتي جي جوابدار جي اپيل رد، موت جي سزا برقرار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ 8 سالن جي ٻارڙي سان زيادتي جي جوابدار کي موت جي سزا جي خلاف اپيل جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ 8 سالن جي ٻارڙي سان زيادتي جي جوابدار وهاڙي جي رهواسي علي حيدر عرف پپو جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ هن جي موت جي سزا جو فيصلو برقرار رکيو آهي.

سپريم ڪورٽ 8 صفحن تي ٻڌل فيصلي کي جسٽس سيد منصور علي شاهه لکيو آهي جنهن ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪيميڪل معائني بابت حڪومت فوجداري قانون جي سيڪشن 510 ۾ ترميم ڪري ۽ قانون ۾ ترميم جي لاءِ فيصلي جي ڪاپي قانون ۽ پارلياماني معاملن وارين وزارتن کي ڏنيون وڃن.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت هر سرڪاري فرانزڪ رپورٽ کي قبول ڪرڻ جو عمل روڪي، زيادتي ۽ قتل ۾ رڳو ڊي اين اي رپورٽ کي قبول ڪرڻ جوڳي شاهدي طور استعمال ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.