اسان شاگرد ڪاڏي وڃون؟

حسن سومرو

اسان شاگرد ڪاڏي وڃون، ڪنھن کي دانھن ڏيون؟ شروع کان ٻارھين ڪلاس ڳوٺ ۾ پڙھڻ کان پوءِ ھر شاگرد جي خواھش ھوندي آھي ته ھو يونيورسٽي وڃي اعليٰ تعليم حاصل ڪري، پنھنجي والدين جا خواب پورا ڪري انھن کي غربت جي ليڪي مان ڪڍي خوشحال زندگي مھيا ڪري پر شاگردن سان ٿيندڙ زيادتين ۽ نا انصافين کانپوءِ اھي خواب پورا ڪرڻ مشڪل نه پر ھاڻ نا ممڪن لڳن پيا. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پھريان ئي وڏيرن جي ڪاھ لڳي پئي آھي، اسڪولن تي وڏيرن جو قبضو ۽ انھن کي پنھنجون اوطاقون ٺاھڻ انھن جو ذاتي مشغلو آھي. پر ھاڻي اھي اسڪولن کي اوطاق جي استعمال بجائي انھن کي مال جا واڙا ٺاھن ٿا. ھي سنڌ جا وڏيرا غريب ٻارڙن کي تعليم حاصل ڪرڻ جو بنيادي حق به کسي ورتو آھي، ڇو جو وڏيرن کي خبر آھي ته جيڪڏهن غريبن جا ٻار پڙهي ويا ته پوءِ اسانجون اوطاقون بند ٿي وينديون. سنڌ جو تعليمي نظام پھريان ئي ڏاڍو پوئتي پيل آھي وري شاگردن سان ٿيندڙ ناانصافيون وڌيڪ پوئتي ڪري ڇڏينديون، اسان وٽ 50 سال پراڻو سيليبس پڙھائين ٿا، مٿان وري ٽيڪنالاجي جي سھولت به موجود ناھي. اسان شاگرد ڪاڏي وڃون؟ اسان جو تعليمي نصاب ايترو ته پوئتي آھي جو اسان پاڪستان جي ٻين صوبن سان مقابلو نٿا ڪري سگھون. تازو ٿيل پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جي ورتل ميڊيڪل انٽري ٽيسٽ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان ڪيترو پوئتي آھيون. جتي ٻين صوبن جان شاگرد ٽاپ ڪلاس جون مارڪون کڻي ڪامياب ٿين پيا اتي اسان انھن سان مقابلو به نه ڪري سگهياسين ڇو جو اسان جي تعليمي نصاب ۽ ٻين صوبن جي تعليمي نصاب ۾ ڏينهن رات جو فرق آھي، اھي وقت سان گڏوگڏ پنھنجي نصاب کي تبديل ڪري انکي ترقي ڏيارن ٿا ۽ سنڌ جو تعليمي نصاب اھو ھي ۵۰ سال پراڻو پڙھايو ويندو آھي جنھن ۾ تقريباً تبديلي اچي وئي آھي پر پوءِ به انکي وقت سان گڏ اپڊيٽ نه ڪيو پيو وڃي جنھن جي ڪري اسان تعليمي ميدان ۾ سڀ کان آخر ۾ پيل قوم آھيون. شاگرد 50 سال پراڻو سيليبس پڙھڻ کانپوءِ وري جڏھن يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيندا آھن ته تمام گھڻين مشڪلاتن سان جنگ وڙھندس آهن ۽ تمام گهڻي مشڪل کانپوءِ به ڪجھه شاگرد ان مقام جي تعليم سان مقابلو نه ڪري سگھندا آھن ۽ آخرڪار ھار مڃي پنھنجي ڳوٺ ڏانھن واپسي جو سفر ڪندا آھن. اسين شاگرد ڪاڏي وڃون؟ جڏھن انھن سڀني مشڪلاتن سان جنگ وڙهي اتان آزاد ٿيندا آھيون ته وري اسانکي سيٽن جي ورھاست وارو معاملو ماري ڇڏيندو آھي، سنڌ جي شاگردن جا حق ڪوٽا سسٽم جي تحت ٻين صوبن جي شاگردن کي ڏنا ويندا جيڪا سڀ کان وڏي ناانصافي آھي، اھڙي نظام جي تحت سياست ته چمڪائي ويندي آھي پر سنڌ جي ماروئڙن جو مستقبل ھميشه لاءِ برباد ٿي ويندو آھي ڇو جو ايتري محنت، ايتري خرچ ۽ ايتري وقت ڏيئڻ کانپوءِ به اوھان کي سيٽ نه ٿي ملي جنھن جا اوھان حقدار به ھجو پر اھو صرف ان ڪوٽا سسٽم جي ڪري ئي اوھان کا کسي وئي ھجي پوءِ شاگرد مايوس ٿي اھڙو شعبو چونڊيندا آھن جنھن ۾ انھن کي نه ڄاڻ ھوندي آھي ۽ نه وري شوق، اھي صرف ان شعبي کي ان لاءِ سليڪٽ ڪندا آھن ته جيئن انھن سان ٿيل نا انصافي جي پورائپ ڪري سگھن، اسانجي حڪومتن کي اھڙن بنيادي مسئلن تي قانونسازي ڪرڻ کپي ته جيئن شاگردن سان ٿيندڙ سالن واري نا انصافي بند ٿئي ۽ شاگردن کي پنھنجي محنت مطابق ان جو سلو ملي. جيڪي شاگرد سيليبس، ڪوٽا سسٽم ۽ ٻين چڪرن مان نڪري ٻاھر ٿيندا آھن ته وري انھن کي شھرن جون ٻيون مشڪلاتون سامھون اينديون آھن،جنھن مان سڀ کان وڏو مسئلو رھائش آھي جيڪو ملڻ تمام مشڪل آھي پر ايندڙ وقت ناممڪن ڏسڻ ۾ اچي پيو. تقريباً يونيورسٽيون ھاسٽل جي سھولت فراهم نه ٿيون ڪن، جيڪڏھن ھاسٽل آھن به صحيح ته اتي وري رينجرز ۽ ٻين حساس ادارن جو قبضو آھي. تعليمي ادارن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي منتقلي کانپوءِ اھي تعليمي ادارا گھٽ پر فورسز جا اڏا گھڻا لڳن پيا، توھان دنيا جي ڪھڙي به ملڪ ۾ ھليا وڃو پوءِ اھو ترقي يافته ملڪ ھجي يا غير ترقي يافته ملڪ ھجي اتي ڪڏھن به سيڪيورٽي ادارن کي اجازت بغير داخلا به ناھي ملندي پر سنڌ دنيا جو اھو واحد خطو آھي جتي تعليمي ادارن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا باقاعدي بنگلا ۽ ھيڊ ڪوارٽر ٺھيل ملندا، جيڪڏھن اھو به سمجھيو وڃي ته اھي فورسز اسان شاگردن جي سيڪيورٽي لاءِ آھن پوءِ توھان شاگردن کي متبادل جاءِ يعني جيڪي ھاسٽل سيڪيورٽي فورسز کي رھائش گاھ طور ڏنا ويا آھن انھن جي متبادل اسانکي ھاسٽل ڏنا وڃن ته جيئن سنڌ جا شاگرد رھائش جي مسئلي کان پري ٿي پنھنجي تعليم تي ڌيان ڏين ۽ جيڪي خواب پنھنجي اکين ۾ کڻي شھر جو سفر ڪندا آھن اھي خواب پورا ڪري سگھن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.