قمبر : بروھي محلي جي مين روڊ تي ٺهيل حد دخليون کي ڪرين ذريعي ڊاهي پٽ ڪيو ويو

قمبر جي بروھي محلي جي مين روڊ تي ٺهيل حد دخليون کي ڪرين ذريعي ڊاهي پٽ ڪيو ويو ، سوين دڪانن جي اڳيان روڊ تي ٺهيل قبضا ختم ڪيا ويا، ان موقعي تي اسسٽنٽ مختيار امتياز ڪمالاڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته شهر ۾ غير قانوني اڏواتن ۽ حدخلين خلاف آپريشن جاري آهي،  روينيو ميونسپل عملو ۽ اينٽي انڪروچمنٽ طرفان گڏيل ڪارروائي ڪري شهر جي مصروف علائقي بروهي محلا ۾ غيرقانوني اڏواتن ۽ ڇپرن کي ختم ڪيو ويو آهي،  قمبر شهر ۾ بنافرق جي غير قانوني حدخلين ۽ اڏواتن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي جيڪو بنا ڪنهن فرق جي جاري رکيو ويندو ، شهرين کي گهرجي تي اهي حددخليون ڪرڻ کان پاسو ڪن .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.