گهارو: قديم وسندي ٻاٻڙا کي نظرانداز ڪرڻ ۽ بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف مظاهرو

گهارو ڀرسان قديم وسندي شهر ٻاٻڙا کي نظرانداز ڪرڻ ۽ بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف رهواسين پاران گهارو شجر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، .ان موقعي تي اڳواڻن اشرف ٻاٻڙو.بلال ٻاٻڙو. ايس ٽي پي جي اڳواڻ عمرناهيواحتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيوته شهر ٻاٻڙا تعلقي ميرپورساڪرو جو قديم شهر آهي پرحڪمرانن ۽ چونڊيل نمائندن جي بي حسيءَ سبب شهر ۾ تعليم.صحت واٽرسپلاءِ بجلي ۽ گئس سميت انساني ضرورت جون ڪي به سهولتن ميسرناهن، هنن چيو ته چونڊيل نمائندن علائقي کي ھن جديد دور ۾ به 40 سال پُٺتي ڌِڪي ڇڏيوآهي. ھنن سنڌ حڪومت سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ٻاٻڙا شھر کي بنيادي سھولتون ڏنيون  وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.