سونڊا: ڪينجھر ڍنڍ جي چوطرف ٿيل قبضا خالي ڪرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو

ڪينجھر ڍنڍ جي چوطرف ٿيل قبضن کي خالي ڪرائڻ لاء ڪينجھر بچايو ايڪشن ڪميٽي پاران ڪينجھر ڪناري تي ھڪ احتجاجي مظاھرو  ڪيو ويو ، ڪينجھر بچايو ڪميٽي جي اڳواڻن ڏاڏا آدم گندرو، ارشاد عمر گندرو، انيس ھيلايو، ايوب ملاح، ھاشم سولنگي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ڪينجھر ڍنڍ ماھيگيرن جي روزگار جو واحد وسيلو آھي، جنھن تي قبضا ڪري ماھيگيرن کي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، ھنن چيو ته  ڊي سي ٺٽي پاران تاريخي ڍنڍ ڪينجهر جي ڪناري تي ٿيل قبضو ختم ڪرائڻ جي خاطري باوجود اڃان تائين ان تي عمل نه ٿي سگھيو آهي ، جنھن ڪري ڪينجهر ڪناري چليا پوائنٽ تي سوين ايڪڙن تي لينڊ مافيا پاران قبضا ڪري غير قانوني طور پڪنڪ پوائنٽ ۽ هائوسينگ اسڪيم جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي جيڪو عمل هرگز برداشت نه ڪيو ويندو.اڳواڻن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ٿيل قبضا ختم ڪري ماهيگيرن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.