بهارو لڳ بدامني، هوٽل جي ڇت ڀڃي سولر پليٽون چوري

بهارو ( ن ع آ )  بھارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جاڙا کوھ مان گذريل رات  چور ذوالفقار ڪلھوڙو جي دوڪان ۽ ھوٽل جي ڇت مٿان پيل250 واٽ جون 5 سولر پليٽون چوري ڪيون ته دڪان مالڪ سجاڳ ٿي پيو چور چور ڪرڻ تي چور 3 پليٽون ڪمند جي فصل ۾ ڦٽو ڪري 2 پليٽون کڻي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، نئين مقرر ٿيل ايس ايڇ او بھارو اقبال رڏ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مان اڃا ٿاڻي تي ناھيان پھتو، پھچي معلومات وٺي موقف ڏيندس ٻئي طرف ڏينهن ڏٺي جو نامعلوم چاٻي چور اعجاز ملاح جي چائنا 2018 ماڊل موٽر سائيڪل چوري ڪري ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.