حيدرآباد: جيئي سنڌ محاذ (رياض) جي ميزباني ھيٺ جيئي سنڌ جي مختلف پارٽين جو اجلاس

جيئي سنڌ محاذ (رياض) جي ميزباني ھيٺ قاسم آباد، حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ جي مختلف پارٽين جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرھه موقعي تي اڻ وڻندڙ واقعن جي پيش اچڻ تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته اسان سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ عدم تشدد جي واٽ جا پيروڪار آھيون، سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال کي سامھون رکندي تفصيلي غور ويچار ڪرڻ بعد اھو موقف رکون ٿا ته اسان سن کي سائين جي ايم سيد جي فڪر جو مرڪز سمجھون ٿا ۽ ان مرڪز کي ٽوڙڻ جي رياست ۽ مذھبي شدت پسندن جي ڪوشش توڙي اهي سياسي ڌريون جيڪي سيد جي نالي ھيٺ پنھنجا گروھي مفاد پورا ڪرڻ چاھين ٿيون، تن جي حرڪتن کي ننديون ٿا. اجلاس کانپوءِ جسم چيئرمين رياض چانڊيو سمورن اڳواڻن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان سن جي مرڪزيت خلاف ھر قسم جي سازش کي ننديندي سائين جي ايم سيد جي فڪر کي ڪنھن به صورت ۾ تڪراري بڻجڻ نه ڏينداسين.

هن مطالبو ڪيو ته قومي ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس مڙھڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي. اجلاس ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين اسلم خيرپوري، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ديدار شام، سرمد ميراڻي، جسم اڳواڻ سيد نواز علي شاھه ڀاڏائي، منير حيدر شاھه، تاج جويو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

رپورٽ –حسيب لطيفي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.