ملڪ جي صحافت آزاد هوندي ته شهري آزاد هوندا: ايڊوڪيٽ يوسف لغاري

ناليواري قانون دان ۽  پاڪستان بار ڪائونسل جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ يوسف لغاري چيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ صحافت آزاد آهي ته شهري آزاد آهن، اسان مارشلا جي دور ۾ به آزاد صحافت لاءِ جدوجھد ڪئي، مارشلا جي دور ۾ اخبارن تي پابندي دوران اسان ڀتين تي خبرون لکي ماڻهن کي خبر پهچائيندا هئاسين، ملڪ ۾ آزاد صحافي، شاعر، اديب، وڪيل گڏيل جدوجھد سان عوام کي حق ڏياري سگھن ٿا. سکر پريس ڪلب ۾ سکر يونين آف جرنلسٽس، سيفما ۽ ڪيمرامين اينڊ فوٽو جرنلسٽس ايسوسيئيشن پاران سندس مان ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ايڊووڪيٽ يوسف لغاري جو چوڻ هو ته 53 سالن جي وڪالت واري عرصي دوارن 80 سيڪڙو ڪيس مفت ۾ وڙهيا آهن،

تقريب دوران ايڊووڪيٽ يوسف لغاري ۽ ايڊووڪيٽ قربان ملاڻو کي اعزازي ميمبر پڻ بڻايو ويو، ان کان اڳ ايڊووڪيٽ يوسف لغاري جي سکر پريس ڪلب پهچڻ تي ڀرپور آجيان ڪئي وئي ،  تقريب دوران سکر پريس ڪلب جي صدر نصرالله وسير، جنرل سيڪريٽري ياسر فاروقي، سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر سليم سھتو، جنرل سيڪريٽري جاويد جتوئي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

رپورٽ-ڪاشف ڦلپوٽو

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.