سام سنگ جو سستو ترين گليڪسي فون متعارف

سام سنگ پنهنجو سستو ترين گليڪسي فون اي 02 متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

گذريل سال نومبر ۾ ڪمپني گليڪسي اي 02 ايس پيش ڪيو هو جيڪو ڊسمبر ۾ پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو ويو ۽ ان جي قيمت 20 هزار رپيا رکي وئي هئي.

هاڻ ان جو وڌيڪ سستو ويزن گليڪسي اي 02 جي شڪل ۾ سڀ کان پهرين ٿائي لينڊ ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.

هي فون گليڪسي اي 02 ايس جهڙو ئي آهي، بس هن ۾ بيڪ تي هڪ ڪيمرا گهٽ ڏني وئي آهي جڏهن ته پراسيسر ڪجهه گهٽ طاقت وارو آهي.

ان فون ۾ 6.5 انچن جو ايڇ ڊي پل ايل سي ڊي ڊسپلي ڏنو ويو آهي جنهن ۾ واٽر ڊراپ نوچ ۾ 5 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا لڪيل آهي.

فون جي بيڪ تي 13 ميگا پڪسل مين ڪيمرا سان گڏ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرا موجود آهي، جڏهن ته گليڪسي اي 02 ايس ۾ انهن ٻنهي سان گڏ هڪ 5 ميگا پڪسل ڪيمرا به موجود آهي.

گليڪسي اي 02 ۾ ميڊيا ٽيڪ جو ايم ٽي 6739 ڊبليو پراسيسر ڏنو ويو آهي جيڪو اوڪٽا ڪور آهي.

فون ۾ 3 جي بي ريم ۽ 32 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جنهن ۾ مائيڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ واڌ ڪري سگهجي ٿي.

اي 02 ۾ اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم جي ڀيٽ ون يو 2 سان ڪئي وئي آهي.

فون جي اندر 5000 ايم اي ايڇ جي طاقتور بيٽري آهي جنهن سان گڏ 7.75 چارجنگ سپورٽ فراهم ڪئي وئي آهي.

ان کان سواءِ ڊوئل سم سپورٽ ۽ هيڊ فون جيڪ به ڊيوائس جو حصو آهي.

ان فون جي قيمت ٿائي لينڊ 2999 ٿائي ڀات (16 هزار پاڪستاني رپين کان) رکي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.