سنڌ ھاء ڪورٽ سکر بينچ ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي دڪانن جي ڪرائن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي ، ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪارپوريشن ، نثار ميمڻ ، ڪمشنر ميونسپل ڪارپوريشن محمد علي بلوچ ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا ، عدالت دڪاندارن طرفان اضافي ڪرائن بابت فيصلي تي نظرثاني جي درخواست رد ڪري ڇڏي ، عدالت ميونسپل ڪارپوريشن جي دڪانن جا مقرر ڪيل ڪرايا برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، عدالت ايندڙ ٻڌڻي 9 فبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي
رپورٽ- اختيار علي چنا