ميرپور بٺورو: صحافي شاھد سمون کي بنا جواز گرفتار ڪري تشدد ڪرڻ خلاف مظاهرو

ميرپوربٺورو جي صحافي شاھد سمون کي بنا جواز گرفتار ڪري تشدد ڪرڻ خلاف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن صحافين ۽ سما برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ،  صحافي شاھد سمون، سجاد ميمڻ، عدنان سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تلاءَ  چوڪ کان مين بس اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مين بس اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي احتجاج ڪندڙن سي آءِ  اي پوليس سجاول جي عملدارن خلاف نعريبازي ڪندي چيو ته رات دير سان سي آئي اي پوليس سجاول جي عملدارن ڌاڙيلن وانگر صحافي شاھد سمون کي بنا جواز گرفتار ڪرڻ بعد تشدد جو نشانو بڻايو جنهن جي  هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، هنن چيو ته صحافي شاھد سمون پاران ضلعي سجاول ۾ پوليس جي سرپرستي هيٺ سرعام هلندڙ منشيات خلاف سوشل ميڊيا تي خبرون وائرل ڪيون ويون  جنهن تان مڇرجي اهڙي ڪارروائي ڪئي وئي ،  هنن آئي جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته سجاول ضلعي ۾ پوليس جي سرپرستي هيٺ سرعام هلندڙ منشيات جو ڪاروبار بند ڪرائي صحافي شاھد سمون کي بنا جواز گرفتار ڪري تشدد ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي فوري طور برطرف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

رپورٽ- امتياز علي سومرو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.