نوابشاهه: پريم يونين جي مزدورن پاران ريلوي پوليس جي اي ايس آءِ خلاف احتجاجي مظاهرو

پريم يونين نوابشاهه جي مزدورن پاران ريلوي پوليس جي اي ايس آءِ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ملازمن علي مراد زرداري، ھادي بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلوي پوليس جي ايس ايس آءِ  ارشد نواز خلاف نوابشاهه پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ، ان موقعي تي سندن چوڻ هو ته  ريلوي پوليس جي اي ايس آئي ارشد نواز  انهن  جي مزدور محمد نواز کي ريلوي جو ڪاٺ ۽ سَريو نه ڏيڻ تان سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ سول ڪپڙن ۾ اچي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي، ھنن چيو ته ٽن ڏينهنن کان انهن جي مزدور کي جيل اندر سخت تشدد ڪيو ويو آھي جنھن جي ڪري ان جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي، ھنن چيو ته اي ايس آئي ارشد نواز خلاف ڪارروائي ڪري انهن جي مزدور کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي پاڪستان ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

رپورٽ-رحيم لاشاري

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.