گلشن اقبال: ميمڻ اسپتال ۾علاج نه ملڻ تي فوت ٿيل ناري جي وارثن ۽ سول سوسائٽي جو احتجاج

ڪراچي جي ميمڻ اسپتال ۾ بروقت علاج نه ملڻ سبب فوت ٿي ويل ناري نازيه سولنگي جي وارثن ، انساني حقن جي تنظيمن،وڪيلن،سياسي،سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران اسپتال جي انتظاميا  خلاف مک گيٽ اڳيان ھٿن ۾ احتجاجي بينر کڻي سخت احتجاج ڪيو ويو ۽  صفورا روڊ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو جنھن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ان موقعي تي  احتجاج ۾ پهتل پي ٽي آئي جي ايم پي اي ڪريم بخش گبول جو چوڻ  هو  ته اوچتو  روڊ حادثي جي زخمي ماڻھو جو فوري علاج ڪرڻ ضروري آهي ،  پئسن جو جواز ڄاڻائي علاج نه ڪرڻ ھڪ ڏوھ آھي ، سنڌ حڪومت ۽ وزير صحت نازيه سولنگي جو علاج نه ڪندڙ انتظاميه خلاف ڪاروائي ڪري،

نازيا سولنگي جي پيرسن والد شبير سولنگي ۽ والدہ صائمه سولنگي چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي ڪروڙن جو چندو وٺندڙ ميمڻ اسپتال پنج لک نه ڏيڻ سبب نياڻي جو ٻن ڪلاڪن تائين علاج نه ڪيو جنھن ڪري نياڻي فوت ٿي وئي

ان موقعي تي  مبارڪ ڀٽي،ساجدہ ميمڻ،ايڊوڪيٽ عطاالرحمان ميمڻ،بشير منگي،رياض کيمٽيي،تنوير آريجو،اڪبر مگسي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته هو ميمڻ اسپتال جي انتظاميا جي اهڙي عمل جي ڀرپور مذمت ڪن ٿا

هنن مطالبو ڪيو ته صحت کاتو اهڙي اسپتال جو لائيسنس رد ڪري ملوث ماڻھن مٿان قتل جي ايف آئي آر داخل ڪري قانوني ڪاروائي ڪري ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو .

رپورٽ- شفقت نوناري

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.