پيپلز پارٽي جو تحريڪ عدم اعتماد تي ڪجهه پارٽين جي حمايت حاصل ٿيڻ جي دعويٰ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي وزير اعظم عمران خان جي خلاف قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ عدم اعتماد آڻڻ واري معاملي تي پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) ۾ شامل ڪجهه پارٽين جي حمايت حاصل ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پيپلز پارٽي وزير اعظم عمران خان جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد آڻڻ کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪيو حاي ته ان معاملي مسلم ليگ ن ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.

ان سلسلي ۾ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزير اعظم ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو ته وزير اعظم جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد هڪ جمهوري طريقيڪار آهي.

هن چيو ته تحريڪ عدم اعتماد جي معاملي تي ڪجهه پارٽيون آن بورڊ آهن ۽ اِهو هڪ جمهوري طريقيڪار آهي، اسان جمهوريت تي يقين رکڻ وارا ماڻهو آهيون.

راجا پرويز اشرف قبول ڪيو ته ان معاملي  تي ڪجهه سياسي پارٽين کي خدشا آهن جيڪي پي ڊي ايم جي فورم تي گڏجي ويهي ڳالهينجي ذريعي حل ڪيا ويندا.

پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته هن جي پارٽي چاهي ٿي ته پهرين حڪومت جي خلاف سمورا آئيني آپشنز استعمال ڪيا وڃن.

هن وڌيڪ چيو ته وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت کي وڌيڪ اڪثريت حاصل ناهي، موجوده حڪومت سان جمهوريت کي خطرو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.