قاضي احمد لڳ نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيا، احتجاج

قاضي احمد ( رپورٽ:  مومن جوڻو ) قاضي احمد لڳ اڌڙي ٻيلي ۾ قتل ٿيل گلشير جتوئي جا قاتل گرفتار نه ٿيا، گهر ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي. ان موقعي تي مقتول گلشير جي پيءُ عرس جتوئي، بيواھ مسمات ميرزادي، ء مقتول جي ڀينرن مسمات ڪامل، مسمات سياڻي، مسمات شبيران ۽ سال اڳ باھ ڏئي ساڙيل معصومن عجيب ۽ ضميران جتوئي جي امڙ وزيران جتوئي ميڊيا آڏو اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي مبينا طور الزام ھڻندي چيو ته ڪجھه ڏينھن اڳ محرم جتوئي گھران سڏي اڌڙي ٻيلي ۾ گلشير جتوئي کي وٺي ويا جتي جوابدارن مير ھزار جتوئي، رستم جتوئي ء محروم جتوئي جن گوليون هڻي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته غلام قادر جتوئي کي ھنن جوابدارن جي گولي لڳي آهي ھاڻي ان جي قتل جي  ايف آءِ ار  بيگناھ معزز ماڻھن محمد يوسف جتوئي، محمد نواز عرف ملنگ جتوئي ۽ مقتول جي ڀائرن حاجي پيرل جتوئي  ۽ اقبال جتوئي تي ڪٽرائڻ چاھين ٿا جيڪو مڪمل طور تي ڪوڙ آهي. ياد رهي ته سال اڳ اسان جي معصوم ٻارڙن ڀاءُ ڀيڻ عجيب ء ضميران کي گهر ۾ باھ ڏئي ساڙي ماري ڇڏيو هو اسان جي همراھ 8 ٻارڙن جي پي گلشير جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو ، ڊي آءِ جي بينظير آباد، ايس ايس پي ٻيا نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.