عمرڪوٽ ۾ اڳوڻن ايم ايسن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا

عمرڪوٽ(ڊ ر) عمرڪوٽ سول اسپتال جي ٻن اڳوڻن رٽائرڊ ٿيل ايم ايس ڊاڪٽر محمد ڄام ڪنڀر، ڊاڪٽر سيد معز علي شاھ، اسٽور ڪيپر محمد نواز سومرو، اڪائونٽنٽ رميش ڪمار خلاف دوائن جي مبينه خريداري ۽ ادرس بل ۾ اڍائي ڪروڙ رپين جومبينا غبن جو اينٽي ڪرپشن طرفان ڪيس داخل ڪرڻ بعد مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا پر ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي آھي ٻي طرف اينٽي ڪرپشن کاتي جي سرڪل آفيسر منصور پنھور صحافين کي ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاء اسان مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا پر ڄاڻايل جوابدار گرفتار نه ٿيا آھن کين جلد گرفتار ڪري قومي خزاني جي لٽيل ناڻي کي واپس ڪرايو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.