رومي رواج هتي اڃا هلي پيو

دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ حڪمرانن جي خوشامد ڪرڻ جو رواج هن علمي دور ۾ پڻ جاري آهي، حضرت عمر چيو هيو ته جڏهن ڪنهن عالم کي حاڪم جي خوشامد ڪندي ڏسو ته سمجهو ته سندس علم ويڪائو وکر آهي، جيڪو حاڪم وٽ وڪڻڻ ٿو گهري.تاريخ ۾ ڪيترا اهڙا اديب، شاعر، عالم ٿي گذريا آهين جن حاڪمن جون قصيدا خوانيون ڪيون، جن ۾ شاعر غالب ۽ اقبال، اديب پير علي محمد راشدي۽ ملان ڪوثر نيازي جا نالا قابل ذڪر آهن، هاڻي وري شاعر احمد فراز جو پٽ شبلي فراز پڻ ان لسٽ ۾ نالو لکرائي چڪو آهي.سوشل ميڊيا تي پڻ هڪ مولوي صاحب جو فوٽو وائرل ٿيو آهي، جنهن ۾ حضرت صاحب هڪ وزير صاحب جا هٿ چمي رهيو آهي، سندس اهو عمل خوشامد جي زمري ۾ اچي ٿو. آڳاٽي زماني ۾ عالمن جي ايتري عزت هوندي هئي جو وقت جا حاڪم وٽن وڃي سندن هٿ چمندا هئا، اڄ علم وارا حاڪمن جي درن تي ڌڪا کائيندي نظر اچن ٿا.اڄ مونکي روم ملڪ جي حاڪمن جو ذڪر ڪرڻو آهي، جن ملڪي معيشيت کي هندوستان جي مغل حاڪمن جيان عياشين ۾ اڏائي ڇڏيو، ماڻهن منجهھ مفلسي مٿن ڳرين ڍلن سبب اچي ويئي، جيڪا صورتحال اسان جي ملڪ ۾ هن وقت تائين هلندي رهي ٿي، ملڪي معيشيت، ملڪي ادارا تباھ ٿي چڪا آهن، مهانگائي مون جهڙي مڊل ڪلاس ماڻهو کان هڪ ويلو کاڌو کائڻ کسي ورتو آهي، ته باقي لوئر ڪلاس ويچارو ته ٽيئي ويلا لنگهڻ ڪٽي رهيو آهي.

روم ۽ فارس جون پاڻ ۾ جنگيون لڳنديون هيون، روم جي غلط طرز حڪومت سبب فارس مٿس حاوي هوندو هيو، جنهن جو سبب روم جي نااهل حاڪميت پڻ ھئي، ان حاڪميت جي زوال اچڻ جي پيشگوئي قرآن پاڪ پڻ ڪئي هئي ته روم ۾ تبديلي جا آثار نظر اچي رهيا آهين ۽ نااهل حاڪميت جو خاتمو ٿيڻ وارو آهي، چيائين الم، غلبت الروم في ادني الارض، روم جيڪو زمين تي ادنا ڪمزور ٿي چڪو آهي، سو ستت غلبو حاصل ڪرڻ وارو آهي. سو روم ته غالب ٿي چڪو آهي، پر منهنجو ملڪ پاڪستان جيڪو رڳو نالي ۾ پاڪ زمين سڏجي ٿو، سو پڻ غلط پاليسين سبب ڪمزور ٿي چڪو آهي، پنجويهن سالن ۾ بنگال ڀڄي پاڻ بچايو، هاڻي ساڳي سلوڪ سبب سنڌ ۽ بلوچستان ڀڄڻ لاءِ  پيرن جي ترين کي تيل هڻي رهيا آهن، پر حاڪم طبقي جي روش ساڳي روم جي نيرو ۽ ڪيلي گوله واري رهندي ٿي اچي.نگر نگر ۾ وو بکري هين ظلم ڪي منظر،

هماري روح ڪي ڇالي ڀي سوگ ڪرتي هين.

اسي ڪهو ڪي ستم مين وو ڪڇ ڪمي ڪردي،

ڪي ظلم توڙني والي ڀي سوگ ڪرتي هين.

 

روم جي سلطنت مٿان ڪو اهڙو وقت آيو جو مٿن حاڪميت نا اهل حاڪمن جي هئي جن ۾ هڪ نالو ڪيلي گوله (caligula) جو هيو، هن حاڪم پڻ تاريخ ۾ پنهنجو نالو بي وقوف ۽ چرئي حاڪم طور لکرايو آهي، سندس فضول خرچين سبب ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو هيو، روم جي افسر شاهي پڻ حاڪم جي بڇڙن ڪمن سبب ڇڙواڳ ٿي چڪي هئي، ان دور جا پاليسي ساز ادارا مفلوج بڻجي چڪا هئا، اهو وقت ته جهالت جو هيو پر هن ايڪويهين صدي جي علمي ۽ سائنسي دور ۾ پڻ منھنجي ملڪ جا حاڪم پڻ رومي حاڪمن جي سياسي طريقي واري سنت تي هلي ملڪ جو ڪٻاڙو ڪري چڪا آهن.هڪ ڀيري ڪيلي گوله سخت بيمار ٿي پيو، هن جي هڪ چاپلوس آفيسر عام درٻار ۾ دعا گهري ته مالڪ منهنجي حاڪم کي شفا ڏي ان جي عيوض ڀلي مونکان حياتي کسي وٺ، قدرت خدا جي بادشاهه نو بنو ٿي ويو، هن جي صحت ۽ تندرستي جو جشن ملهايو ويو، هن ان آفيسر کي گهرايو، چيائين تنهنجي دعا اڌ قبول ٿي آهي جو مان تندرست ٿيو آهيان، باقي اڌ دعا اڄ اگهامجي ٿي ۽ توکان تنهنجي جان کسجي ٿي، هن کي جبل جي چوٽي تي وٺي ويا جتان کيس هيٺ وهندڙ درياه ۾ اڇليو ويو، ڪاش شل هتان جي،حاڪميت تي ويٺل ڪارا نانگ، ڪرپٽ بيوروڪريسي، بکيا سياستدان، لوڀي فوجي آفيسر، لالچي واپاري پڻ اهڙي ڪنهن درياهه ۾ اڇلي ٻوڙي مارجن ته ملڪ مالا مال ٿي پوي، عوام جا اهنج لهي پون.ڪيلي گوله وٽ هڪ گهوڙو پاليل هيو، جيئن اسان جي ملڪ جي وزارتي هائوس ۾ پڻ پولو راند ڪرڻ لاءِ  گهوڙا رکيا ويا هئا جن کي اسيمبلي ميمبر خوشامد ڪندي بادام پستا ڀريون ٻڌرائي کڻي اچي کين کارائيندا هئا ته حاڪم صاحب جا منظور نظر بڻجي پئون. رومي بادشاھ جا ڪارندا، سياسي ميمبر پڻ گهوڙي کي خوش رکڻ لاءِ  سٺن چراگاهن ڏي چرڻ لاءِ  نيندا هئا، هرهڪ جي ڪوشش هوندي هئي ته گهوڙو ساڻن رلي ملي وڃي، سو جنھن ميمبر سان گهوڙو ڪڏهن گھ ڪندو هيو ته ان ميمبر ۽ آفيسر جي شامت اچي ويندي هئي، کيس سرعام ذليل ۽ بڇڙو ڪيو ويندو هيو،منهنجي ملڪ جي ماڻهن پڻ اهڙا سياسي گهوڙا پاليا آهن جن کي ڪڏهن ڇانگا مانگا جي چراگاهه ۾ چاريو ويندو هيو ته ڪن کي سوات جي سندر وادي جو سير ڪرايو ويندو آهي، ڪن کي ميرئيٽ هوٽل ۾ کائڻ جا ڪونر ڀري کارايا ويندا آهن، هنن گهوڙن کي حڪمرانن جي صحت لاءِ  جام نوش ڪندي ڏٺو ويو آهي. جيڪڏهن اها گهوڙا پرورشي جاري رهي ته منهنجو ملڪ پڻ روم جو پراڻو ملڪ بڻجي ويندو ۽ بڻجي چڪو آهي.هتان جي عوام کي سوچڻ کپي ته هاڻي ڪيلي گوله جهڙن حاڪمن مان جيسيتائين جند نٿي ڇڏائجي تيستائين رڳو سياسي ويڪائو گهوڙا ئي پلبا رهندا، سي ئي کُومڻ کائيندا رهندا،

بقول هڪ حاڪم چواڻي ته ماڻهن جو گذران هزارن سالن تائين گاهه کائڻ تي ٿيندورهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.