بي وس پي ڊي ايم ۽ با اختيار پيپلزپارٽي

نيب چيئرمين ، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي  سڌو سنئون جواب ڏيندي چيو آهي ته اوهان جو چوڻ غلط آهي ته نيب ۽ پاڪستان گڏوگڏ نه ٿا هلي سگهن،سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪڻڪ جي بي ضابطگين ۽ ڪوئن  ڏانهن اشاروڪرڻ انتهائي اهم آهي شايد نيب جي طرفان پاڪستان پيپلز پارٽي کي  اڻ سڌي طرح خاموش رهڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي.  پي ڊي ايم جو بنياد 20 سيپٽمبر تي رکيو ويو ته ڪجهه ڏينهن بعد  27 سيپٽمبر تي شهباز شريف کي گرفتار ڪري جيل ڀيڙو ڪيو ويو، ان وقت پي ڊي ايم ۾ نئون جوش ڦوڪيو پئي ويو ايئن محسوس ڪرايو ويو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت کي  اجهو ٿو گهر ڀيڙو ڪجي ۽ هر چينلن تي حڪومت جي تبديلي  وارو راڳ آلاپجڻ  لڳا، ته  مون ”شهباز شريف جي گرفتاري کان پوءِ ڪنهن جي واري“۾ انڪشاف ڪيو هو ته پي ڊي ايم جي ٺهڻ سان ڪنهن کي فائدو ٿئي يا نه ٿئي پر پاڪستان پيپلزپارٽي کي ضرور فائدو ٿيندو. جنهن سان پيپلزپارٽي جي لاءِ وفاقي حڪومت جي طرفان نرم گوشي جو پيدا ٿيڻ ۽ سياسي لحاظ کان پيپلزپارٽي کي ماضَي جون جهموري قدرون ياد ڏيارڻ جي لاءِ تحريڪ انصاف جا وزير خاص طور تي وفاقي گهرو وزير  شيخ رشيد  پنهنجا وار ڪندو رهيو. بيڪ ڊور ( لڪل ) ڳالهين جو دور جڏهن ختم ٿيو هو ته  پرڏيهي وزير شاهه محمود َقريشي  ايوان ۾ ڪاغذ لهرائيندي مخالف ڌر جي طرفان اين آر او گهرڻ جو الزام مڙهيو هو ۽ حڪومت فيٽف جو بل ته مقتدر حلقن جي مداخلت تي پاس ڪرائي ويئي  هئي.مقتدر حلقن کان خاطرخواهه موٽ نه ملڻ جي مخالف ڌر مولانافضل الرحمان جي اڳواڻي ۾ پي ڊي ايم بنياد ته رکيو پر پيپلزپارٽي ان وقت به چڱي ريت ڄاڻي پئي ته فاٽا جي معاملي تي سندن اختلاف جي يو آءِ ۽ مقتدر حلقن جي خلاف سخت موقف رکندڙ نواز شريف جي جماعت سان پيپلزپارٽي جو قربتون به ايتريون پائيدار نه رهي سگهنديون، تنهن باجود حڪومت ۽ مقتدر حلقن کي تي دٻاءُ وڌو ويو ۽ تحريڪ انصاف جي جماعت پهرئين جلسي کانپوءِ مخالف ڌر سان ڳالهين ڪرڻ لاءِ راضپو ڏيکاريندي رهي پر مخالف ڌر ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، انهيءَ سڄي منظرنامي مان پاڪستان پيپلزپارٽي  پاڻ کي پنجاب ٻيهر متحرڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويئي . گلگت بلستان جي چونڊ کانپوءِ بلاول ڀٽي جذباتي تقرير ته ڪئي ۽ مريم نواز جي ڳڙهي خدابخش  ۾ مهمانوازي ڪرڻ  جي باوجود پيپلزپارٽي جي مفاهمت واري پاليسي کي مٽائي نه سگهيو، محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي ته مفاهمتي حر طور مشهور آصف علي زرداري تحريڪ انصاف کي گهر ڀيرو ڪرڻ جي پنهنجي تجربي افاديت تي زور ڀريو هو.هڪ طرف صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن کان استعفائون گهريون پئي ويون ته ٻئي پاسي پاڪستان پيپلزپارٽي جي سنڌ جي صوبائي قيادت جي طرفان ضمني اليڪشن ڪرائڻ جون درخواستون جمع ڪرايو پئي ويون. پيپلزپارٽي ضمني چونڊن کان وٺي سينيٽ جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ته ڪري چڪي آهي پر پي ڊي ايم جي پليٽ فار م تان پاڻ کي  ٿورو پاسيرو ڪري رهي آهي.  چيئرمين پ پ پ بلاول ڀٽو  ضمني اليڪشن ۽ سينيٽ جي چونڊين جيان عدام اعتماد جي ووٽ وسيلي تحريڪ انصاف کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جي لاءِ قائل ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي، عدم اعتماد جي رٿ تي  جي يو آءِ ۽ مسلم ليگ ڪڏهن به رضامند نه ٿينديون  ٻيو ته سينيٽ چونڊن کان پوءِ مخالف ڌر عدم اعتماد جي رٿ جمع نه ڪرائيندي. بظاهر ته حڪومت مرحوم ميرظفرالله جمالي جي حڪومت کان به وڌيڪ ڪمزور نظر اچي ٿي پر ملڪي روايتن موجب تحريڪ انصاف سينيٽ ۾ اڪثريت ۽ مخالف ڌر جا ووٽ کڻڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿي ويندي بلڪل ائين ئي جيئن سينيٽ جي چيئرمين جي عدم اعتماد واري رٿ ۾ ٿيو هو.ڏکڻ پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جاڪجهه ميمبر جيتوڻيڪ پنجاب جي وزيراعليٰ کان ناراض آهن ۽ هم خيال گروپ ٺاهڻ ۽ سينيٽ ۾ پنهنجا اميدوار آڻڻ جو چئي رهيا آهن ۽ مسلم ليگ قائداعظم جي طرفان پڻ تحريڪ انصاف سان هڪ سينيٽ جي سيٽ ايڊجسمينٽ ڪرڻ جي تصديق پڻ ٿي چڪي آهي، جي ڊي اي جا ڪجهه ميمبر جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت سان ناراض آهن ۽ ايم ڪيو ايم پڻ ڪراچي جي آدمشماري واري معاملي تي پڻ پنهنجي ناراضگي جو اظهار ڪري چڪي آهي، جنهن تي پيپلزپارٽي پنهنجو وفد موڪلي ايم ڪيو ايم سان هڪ دفعو ٻيهر قربتون وڌائڻ جي ڪوشش ڪري چڪا آهن .جنهن تي ايم ڪيو ايم ڪو تسلي بخش ردعمل ناهي ڏنو .

آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي جا سينئر سياستدان ٿيندڙ واقعن تي گهري نظر وجهي پنهنجي سياسي چال کيڏي رهيا آهن ، اهي ڄاڻن ٿا ته پي ڊي ايم جا ڪجهه اڳواڻ پنهنجي آخري اميد غيرملڪي فنڊنگ واري ڪيس لڳائي رهيا آهن  جيڪو سراسر هڪ سراب آهي ڇو جو اليڪشن ڪميشن جا اختيار محدود آهن ۽ اليڪشن ڪميشن وفاقي ۾ ويٺل حڪومت کي پنهنجي ئي پارٽي کي نااهل ڪرڻ لاءِ چوندي ۽ ڇا حڪومتي ڌر ايتري بيوقوف آهي جو پنهنجي جماعت کي نااهل ڪندي ؟  انهي معاملي ۾ وزيراعظم پنهنجو پاڻ کي صادق ۽ امين قرار ڏيئي چڪو آهي،جيتوڻيڪ اعترافي جواب هجڻ جي باوجود سڄو قصور ايجنٽن تي ڏنو پيو وڃي جڏهن ته فارين فنڊنگ جي معاملي تي وفاقي وزير ۽ وزيراعظم عمران مخالف ڌر جي پرچين جي گهر ڪري رهيا آهن، وري مٿان براڊشيٽ جي اسڪينڊل اچڻ تي جٿي مخالف ڌر خوشي تي به پيپلزپارٽي جو ڪو خاص ردعمل نه ڏيکاريو ، وقت جا حڪمران براڊشيٽ جي اسڪينڊل کي  به پاناما 2 جو نالو ڏيئي رهيا آهن ۽ پاناما اسڪينڊل جو انجام به سڀني جي اڳيان آهي، جنهن ۾ 400 کان وڌيڪ ماڻهن جا نالا هئا پر ڪارروائي فقط آڱرين ڳڻڻ جيترن ماڻهن تي ڪئي ويئي.آصف علي زرداري کي اهو پڻ احساس آهي ته حڪومتي اتحادين کي ٽوڙڻ کانسواءِ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ پڻ ناممڪن آهي ، حڪومتي اتحادين جي ناراضگي به  هڪ پاڻي جي بلبلي جيان هوندي آهي . تنهن ڪري انهن مان به اميد نه ٿي ڪري سگهجي.   اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مخالف ڌر جي تحريڪ کي هرممڪن تيز ڪرڻ ۽ اڳتي وڌائڻ جي ڳالهه ته ڪري ٿو پر هو ڄاڻي ٿو ته جميعت علماءَ پاڪستان  ۽ مسلم ليگ نواز وٽ وڃائڻ جي لاءِ ڪجهه ناهي جڏهن ته پيپلزپارٽي   سينيٽ جي چونڊن  کانپوءِ سينيٽ ۾ ٻئي وڏي جماعت ۽ ان سان گڏوگڏ انهن وٽ سنڌ حڪومت آهي .آصف علي زرداري جي  هڪ تجربيڪار سياستدان آهي سندس نظر انگن اکرن تي آهي. هو چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته جيڪڏهن اصل طاقتن جي طرفان ڪنهن تبديلي جو فيصلو نه ڪيو ويندو ته عدم اعتماد کان وٺي استعفائن جون ايجنڊائون بي معنيٰ نظر اچن ٿيون.ان جي لاءِ حڪومت تي دٻاءُ وجهي  ريليف وٺجي.احتجاجن جي وسيلي بيان بازي ڪري ننڍي دل وارن حڪمرانن کي ته ڊيڄاري سگهجي ٿو  پر جيڪڏهن احتجاج جا دائرا وڌايا ويندا ته چانهن سان گڏوگڏ خاطرتواضع کي به سياستدانن کي منهن ڏسڻو پوندو جنهن جي سگهه نه جي يو آءِ ۾ آهي نه ئي مسلم ليگ ۾!!پيپلزپارٽي جي قيادت ڄاڻي ٿي ته سنڌ حڪومت ئي واحد رستو آهي جنهن سان وفاقي حڪومت تي دٻاءَ وجهي سگهجي ٿو، پهريون دفعو تاريخ ۾ اهو ٿي رهيو ته وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي جي اڳيان صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي ڪي قدرِ بهتر آهي اهڙو اظهار وفاقي وزير قومي ميڊيا تي ويهي جڏهن حڪومت کان ڪارڪردگي جو سوال ڪجي پوءِ اهو پنجاب هجي يا خيبرپختون خواهه جي باري ۾ اهي سنڌ جو حوالو ڏيندي سنڌ حڪومت تي طنزن جا نشتر کولڻ جي ڪوشش ڪن ٿا  شايد ان جو سبب اهو به آهي ته وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگي ڪا لائين نه وٺي سگهي آهي. سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت جي ڪيل فيصلن توڙي ڪارڪردگي ته وقت به وقت سوال اٿاريندي رهي ٿي ۽ وفاقي وزيرن کان علاوه وزيراعظم عمران خان به سنڌ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ جتن ڪندا وتن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو پيپلزپارٽي عمران خان جي وڏي غلطي جو انتظار ڪري رهي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.