ڀارتي هارين جي ٽريڪٽر پريڊ ۽ مودي سرڪار جو مٿن رياستي تشدد

¨ رپورٽون آهن ڀارت ۾ نون زرعي سڌارن خلاف ٽن مهينن کان هارين جو هلندڙ احتجاج وڏو دنگل بڻجي ويو آهي. هارين مختلف رياستن مان ٽريڪٽرن ذريعي پريڊ ڪئي آهي، جيڪا ڀارت جي جمهوريت واري ڏينهن دهلي جي لال قلعي تائين پهچي وئي جنهن تي پوليس ۽ هارين ۾ چڪريون ٿيون جنهن ۾ هڪ هاري مارجي به ويو آهي.¨ دهلي جي مقامي انتظاميا هارين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پنهنجي تحريڪ کي پرتشدد نه ڪن ۽ پرامن طريقي سان واپس هليا وڃن.جڏهن ته هارين جو چوڻ آهي ته سندن تحريڪ ۾ سرڪار پاڻ پرتشدد عنصر پيدا ڪيو آهي.¨ هارين جي تحريڪ جو مقصد هي آهي ته مودي سرڪاري زرعي جنسن جي خريداري جو اختيار ماضيءَ وانگر پاڻ وٽ رکي، اها سڌوسنئون اسان کان زرعي جنسون خريد ڪري، خانگي واپارين کي سڌوسنئون هارين کان خريدڻ جو نه چئي ڇاڪاڻ ته ان سان هارين کي نقصان ٿيندو.¨ جڏهن ته ماضيءَ ۾ قانون موجب رڳو حڪومت جا مقرر ايجنٽ ئي هارين کان زرعي جنسون خريد ڪري سگهندا هيا جنهن کي هاڻي تبديل ڪري بقول هارين جي سندن مفادن کي هاڃو رسايو ويو آهي. جيڪڏهن خانگي واپاري انهن هارين کان مقرر اگهه تي زرعي جنسون نه وٺندا ته هارين وٽ سرڪار کي اهي جنسون کپائڻ جون نئين قانون موجب هاڻي آپشن نه رهندو.¨ جڏهن ته حڪومت جو موقف آهي ته منڊين جو نظام جاري رهندو ۽ گهٽ ۾ گهٽ امدادي اگهه جنهن کي ايم ايس پي چيو وڃي ٿو سو ختم نٿو ڪيو وڃي پر هارين کي سرڪار جي ان موقف تي اعتبار ناهي.¨ ڀلا جيڪڏهن هارين کي سرڪار جا نوان زرعي سڌرا يا قانون منظور ناهي ته ڇا مودي سرڪار سندن تحريڪ يا احتجاج تي رياستي تشدد ڪندي ڇا؟¨ هيءَ ڪهڙي جمهوريت آهي. زرعي سڌارا ۽ نوان قانون جيڪڏهن زراعت ۽ هارين لاءِ آهن ته پوءِ سندن موقف ۽ رد عمل کي ڇو نه ٻڌڻ گهرجي. جمهوريت جي ته اها ئي تقاضا آهي!¨ جيڪڏهن مودي سرڪار جوش بدران هوش مان ڪم وٺي ها ته ٽن مهينن کان هلندڙ هارين جي تحريڪ جو بروقت نوٽيس وٺي ساڻن ڳالهيون ڪري ها ته هارين جي اڄوڪي تحريڪ سان ڀارت هيئن سڄي دنيا اندر بدنام نه ٿئي ها. ۽ نه ئي هارين جي تحريڪ اندر پرتشدد عنصر داخل ٿي سگهي ها.¨ پر مودي سرڪار کي هارين جي ايڏي منظم تحريڪ جو شايد اندازو نه هو ته هاري، ٽريڪٽرن تي چڙهي ايئن دهلي تي ڪاهه ڪري وجهندا، نه رڳو ڀارت پر سڄي دنيا کي ڇرڪائي وجهندا ۽ سڄي دنيا جي هارين جي تحريڪ کي پڻ نئون حوصلو ڏئي ويندا.¨ ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته ڀارت جو چهرو به هاڻي بي جي پي جي جماعت جهڙو انتها پسنداڻو ٿي ويو آهي. پاڪستان سان ته سندس سفارتي لاڳاپا تباهه ۽ برباد ٿي چڪا آهن پر مودي سرڪار هاڻي پنهنجن ماڻهن سان به دشمن وارو رويو اختيار ڪيو آهي ٻيو ته ڇڏيو پر ان هارين کي به بخش ناهي ڪيو.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڀارت جي تاريخ ۾ اها بي جي پي سرڪار ئي آهي جنهن هن ملڪ جي جمهوري نظام کي هر دور ۾ ڇيهو رسايو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.