براڊ شيٽ ۾ نالو اچڻ تي مشرف کي جيل ۾ وڌو وڃي: شاهد خاقان

اسلام آباد ( م ڊ)  اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نيب ملڪ ۾ سياست کي ناڪام ۽ بدنام ڪرڻ جو طريقو آهي.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهد خاقان عباسي چيوته احتساب جي نظام تي سواليه نشان آهي. عدالتن ۾ ڪيمري لڳايو ۽ ڏسو ڪنهن ڪرپشن ڪئي آهي.شاهد خاقان عباسي چيو ته عدالتون هڪ ويزي تي ماڻهن کي نااهل قرار ڏينديون آهن پر  اڄ اهي خاموش ڇو آهن.؟ احتساب جو ادارو سمجهيو ويندڙ اڄ پاڻ احتساب جوڳو آهي. اڄ نيب کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي، نيب ملڪ ۾ سياست کي ناڪام ۽ بدنام ڪرڻ جو طريقو آهي. براڊ شيٽ معاملي ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو نالو به اچي ٿو. ان جو به رمانڊ ورتو وڃي، انصاف ٿئي ته نيب جا 3 چيئرمين جيل ۾ هوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.