گم ٿيل ماڻهن جا وارث ڌڪا کائن پيا: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته گم ٿيل شهرين جا وارث ڌڪا کائي رهيا آهن، پر حڪومت کي ڪو خيال ئي ناهي، هاڻ ائين نه هلندو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله  ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ گم ٿيل شهرين بابت ڪيس ۾ فوڪل پرسن کي طلب ڪري ورتو آهي  ٻڌڻي دوران گهرو سيڪريٽري پيش ٿيو، عدالت سوال ڪيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت ڪهڙي ڪارروائي ڪئي آهي؟، گهرو سيڪريٽري ٻڌايو ته گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ ڪارروائي جاري آهي،عدالت ۾ گم ٿيل ياسين عرف دانش جي ماءُ چيو ته 2016ع ۾ منهنجو پٽ گم ٿي ويو آهي اڄ 5سال ٿي ويا آهن .ڪجهه پتو نه آهي . عدالت گهرو سيڪريٽري کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.