لاهور ۾ آن لائن امتحان وٺڻ لاءِ احتجاج، چڪريون، ڪيترائي شاگرد زخمي

لاهور ( م ڊ ) لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ نجي يونيورسٽي آڏو احتجاج دوران شاگردن ۽ يونيورسٽي انتظاميه وچ ۾ جهيڙي دوران 5 کان وڌيڪ شاگرد زخمي ٿي پيا. احتجاج ڪندڙ شاگردن جو چوڻ آهي ته کين آن لائن پڙهايو آهي ته پيپر به آن لائن ورتا وڃن. نجي يونيورسٽي جا شاگرد احتجاج ڪندي مک گيٽ تي پهتا، ان دوران شاگردن يونيورسٽي ۾داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته گارڊن روڪيو ۽ جهيڙو ٿي پيو.شاگردن ۽ گارڊن هڪٻئي تي پٿراءُ ڪيو، جنهن دوران 5 کان وڌيڪ شاگرد زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته 15 کان وڌيڪ شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.